لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته راولپنڊي ريجن ۾ 27 سيپٽمبر کان موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس ڊائون گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پنجاب جي گهرو وزارت وفاقي گهرو وزارت کي موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس ڊائون گريڊ ڪرڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. راولپنڊي ۾ مخصوص هنڌن تي 3G، 2G، ۽ 4G نيٽ ورڪ جيمنگ جي درخواست ڪئي وئي آهي.اٽڪ ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروسز ڊائون گريڊ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. موٽر وي تي براهمه بابتر، گنجو، احاطه، ٽيڪسلا سٽي، واهه صدر، تهليان ۽ چڪري جي علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروسز ڊائون گريڊ، جيمنگ جي درخواست ڪئي وئي آهي.راولپنڊي ۽ اٽڪ جي مخصوص هنڌن تي 27 سيپٽمبر کان موبائل، انٽرنيٽ سروس ڊائون گريڊ رهندي، موبائل ۽ انٽرنيٽ سنگنلز معطل ڪرڻ جو فيصلو امن، امان جي قيام لاءِ پوليس جي درخواست تي ڪيو ويو. عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پنجاب حڪومت جي اولين ترجيح آهي.










