ممبئي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪار سيف علي خان چيو آهي ته سندس شادي بابت ماڻهو بي بنياد افواهون پکيڙيندا رهن ٿا، جڏهن ته هو پنهنجي ذاتي زندگي کي سوشل ميڊيا کان پري رکڻ پسند ڪري ٿو.سيف علي خان تازو هڪ ٽي وي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي شوبز ڪيريئر، گهرواري جي ردعمل، مداحن ۽ وڌندڙ مقبوليت بابت ڳالهائيندي چيو ته جڏهن هن هڪ ريئلٽي شو ۾ شرڪت ڪئي هئي، ان وقت سندس شادي کي صرف 4 مهينا ٿيا هئا.اداڪار موجب ان کانپوءِ سندس ڪيريئر ۾ تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ شوٽنگ جي سلسلي ۾ کيس اڪثر سفر ڪرڻو پوي ٿو. سندس چوڻ هو ته سندس گهرواري لاءِ به اها صورتحال هڪ نئون تجربو هئي، پر هاڻي هوءَ سندس مصروف زندگيءَ سان چڱيءَ ريت هم آهنگ ٿي چڪي آهي.سيف علي خان چيو ته شروعات ۾ سندس گهرواري ان ڳالهه تي ڪجهه ناراض ٿيندي هئي ته هو تمام گهڻو مصروف رهندو آهي، پر ساڳئي وقت هوءَ سندس ڪاميابيءَ تي خوش به ٿيندي آهي.اداڪار وڌيڪ چيو ته ماڻهو سندس شادي بابت بي بنياد افواهون پکيڙيندا رهندا آهن. هن ٻڌايو ته کيس پنهنجي خاندان جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ پسند ناهي، جڏهن ته سندس گهر وارا به ذاتي زندگي کي ترجيح ڏين ٿا.سيف علي خان چيو ته هو پنهنجي گهرواري جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي ان ئي سبب سان پوسٽ نٿو ڪري ۽ سندس گهرواري به اهڙين شين ۾ دلچسپي نٿي رکي.هن وڌيڪ چيو ته کيس خبر آهي ته خاندان جون تصويرون شيئر ڪري سوشل ميڊيا تي وڌيڪ لائڪس حاصل ڪري سگهجن ٿا، پر هن وقت سندس سموري توجهه پنهنجي پيشوراڻي مصروفيتن تي آهي.










