بابر اعظم جي ڊوميسٽڪ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ واپسي

بابر اعظم جي ڊوميسٽڪ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم جاري پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون ۾ آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) جي مهمان رانديگر جي حيثيت سان ايڪشن ۾ نظر ايندو.ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب، بابر اعظم کي آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) پاران جاري پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون لاءِ مهمان رانديگر طور سائن ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب بابر اعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان درخواست ڪئي هئي ته کيس ڊوميسٽڪ ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڊگهي فارميٽ سان پنهنجو رابطو برقرار رکي سگهي، جنهن کان پوءِ پي سي بي او جي ڊي سي ايل سان اهو انتظام ڪيو. بابر اعظم ڊسمبر 2022 کان وٺي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪا به سينچري نه ٺاهي سگهيو آهي. هن فارميٽ ۾ سندس آخري سينچري 161 رنسن جي اننگز هئي، جيڪا هن ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ڊرا ٿيل ٽيسٽ ميچ دوران کيڏي هئي.2023 جي شروعات کان وٺي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بابر اعظم جي سراسري (ايوريج) 30.43 رهي آهي، جيڪا سندس مجموعي ٽيسٽ ايوريج کان 12.55 رنسون گهٽ آهي. هن عرصي دوران، هو 39 اننگز ۾ صرف 8 اڌ سينچريون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته هڪ مرحلي تي هو مسلسل 18 اننگز ۾ 41 رنسن کان وڌيڪ نه ٿي سگهيو.پنهنجي آخري ٽيسٽ سينچري کان پوءِ سندس سڀ کان وڌيڪ ذاتي اسڪور 88 رنسون رهيو آهي، جيڪو هن گذريل مهيني ويسٽ انڊيز خلاف دوري جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ دوران ٺاهيو. اها ميچ کٽڻ سان پاڪستان جولاءِ 2023 کان پوءِ پنهنجي پهرين پرڏيهي ٽيسٽ فتح حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ پرڏيهي سرزمين تي لڳاتار اٺن ٽيسٽ شڪستن جو سلسلو به ختم ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو