مصطفيٰ عامر ڪيس: جوابدارن جو عدالتي نوٽيس وٺڻ کان انڪار

مصطفيٰ عامر ڪيس: جوابدارن جو عدالتي نوٽيس وٺڻ کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدارن ارمغان ۽ شيراز عدالتي نوٽيس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جلد ٻڌڻي ۽ ٽرائل مڪمل ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدارن پاران نوٽيس وصول نه ڪرڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته، ”يعني جوابدار عدالت جو نوٽيس وصول ئي نٿو ڪري.“ درخواستگذار جي وڪيل افتخار شاهه ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ٻيو ڀيرو به عدالتي نوٽيس وصول نه ڪيو آهي. عدالت ٻڌڻي غيرمعينه مدت تائين ملتوي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جوابدار نوٽيس به وصول نٿا ڪن، جڏهن ته ٽرائل ڪورٽ ۾ جج مقرر نه هجڻ سبب عدالت پڻ خالي پيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو