ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي ناليواري اديب، ڊراما نگار ۽ اداڪار انور مقصود پنهنجي آخري اسٽيج ڊرامي ’ٿانهه نه ڌيم ٿانهه‘ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انور مقصود چيو ته سندس ڊرامو ’هائوس اريسٽ‘ آخري اسٽيج ڊرامو هجڻ وارو هو، پر حالتن سبب کيس هڪ ٻيو ڊرامو لکڻو پيو. ياد رهي ته 15 مارچ 2024ع تي انور مقصود پنهنجي اغوا بابت گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪندي بيان جاري ڪيو هو. ان موقعي تي هن پنهنجي مداحن ۽ دوستن پاران ڳڻتي ۽ فڪر جو اظهار ڪرڻ تي سندن ٿورا پڻ مڃيا هئا. انور مقصود جو شمار پاڪستان جي نامور ڊراما نگارن، طنز ۽ مزاح جي ليکڪن، ٽي وي ميزبانن، اداڪارن، گيت نگارن ۽ مصورن ۾ ٿئي ٿو. سندس فني سفر پنجن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي پکڙيل آهي. انور مقصود جو واسطو هڪ ادبي ۽ فنڪار گهراڻي سان آهي. سندس ڀينرن ۾ ناليواري ليکڪا فاطمه ثريا بجيا، شاعرہ زهره نگاھ ۽ زبيده طارق شامل آهن. سندس سوانح حيات ’الجهي سلجهي انور‘ جي نالي سان پڻ ڇپجي چڪي آهي، جنهن جي مهورت واري تقريب ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي هئي.










