لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 25 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهيءَ جي نالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي سي بي موجب پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو چوٿون ون ڊي ميچ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم تحت کيڏيو ويندو. ان سلسلي ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پنڪ ربن مهم تحت خاص سرگرميون منعقد ڪيون وينديون. پاڪستاني ٽيم خاص گلابي ڪٽ پائيندي، جڏهن ته انگلينڊ جي رانديگرن، ميچ آفيسرن ۽ ڪمينٽيٽرن کي پڻ گلابي ربن پائڻ جي دعوت ڏني ويندي. ميچ دوران گلابي اسٽمپس استعمال ڪيا ويندا ۽ اسٽيڊيم جي وڏي اسڪرينن ۽ ايل اي ڊي بورڊن تي آگاهيءَ جا پيغام نشر ڪيا ويندا. پي سي بي موجب ميچ شروع ٿيڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ پنڪ ربن مهم جون سرگرميون شروع ٿينديون. خاص پنڪ شرٽس 19 آڪٽوبر کان قذافي اسٽيڊيم جي پي سي بي مرچنڊائز شاپ ۽ آن لائن پڻ دستياب هونديون. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد چيو ته ڪرڪيٽ جي مقبوليت کي استعمال ڪندي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي بروقت سڃاڻپ ۽ علاج بابت شعور وڌائڻ چاهيون ٿا. پي سي بي جي ڊائريڪٽر ڪمرشل علي عدنان زيدي ڪرڪيٽ جي شوقينن تي زور ڀريو ته اهي مهم جو حصو بڻجن ۽ بروقت اسڪريننگ ۽ علاج بابت پيغام پنهنجن خاندانن ۽ سماج تائين پهچائين.










