ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي مصنوعي ڏاهپ (اي آءِ) ٺاهيندڙ ڪمپني اينٿروپڪ چيني اي آءِ ٺاهيندڙ ڪمپنين تي الزام لڳايو آهي ته اهي ”جارحاڻي، بدنيتيءَ تي ٻڌل ۽ مخصوص هدفن تحت ماڊلز جي صلاحيتن کي نقل ڪرڻ واريون سرگرميون“ ڪري رهيون آهن ۽ آمريڪي اي آءِ ماڊلز مان صلاحيتون چوري ڪري رهيون آهن.
اينٿروپڪ جي سيپٽمبر ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب، گذريل ٻن سالن دوران ڊيپ سيڪ، مون شاٽ اي آءِ، علي بابا، ميني ميڪس، اسٽيپ فن ۽ زيڊ اي آءِ جهڙين ڪمپنين آمريڪا جي جديد اي آءِ ماڊلز مان لکين ڀيرا سوال ۽ درخواستون موڪلي اربين ٽوڪن حاصل ڪيا. انهن ماڊلز ۾ ڪلاڊ، جي پي ٽي، جيمني ۽ گروڪ جا مختلف نمونا شامل هئا.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته چيني حڪومت کي انهن سرگرمين جي ڄاڻ هجڻ جو امڪان آهي. تنهن هوندي به، اخبار سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ (ايس سي ايم پي) جي هڪ رپورٽ ۾ انهن الزامن بابت شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.
آمريڪي سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفراسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي (سيسا) ان عمل کي ”مالڪيءَ وارين صلاحيتن ۽ خاصيتن کي منظم طريقي سان حاصل ڪرڻ“ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي، جنهن کي آمريڪا جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳواڻيءَ لاءِ خطرو ڄاڻايو ويو آهي.
اينٿروپڪ جي رپورٽ موجب، مون شاٽ اي آءِ صارفين جي درخواستن کي ڳجهي نموني ڪلاڊ ڏانهن موڪليندي هئي، ڪيمي ڏانهن نه، جڏهن ته صارفين جو خيال هوندو هو ته اهي ڪيمي استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ جي هڪ حصي ۾ چيو ويو آهي ته ڏهن ڏينهن دوران گراهڪن جون 3 لک درخواستون موڪليون ويون. ان مقصد لاءِ سنگاپور ۽ جاپان ۾ 5,380 جعلي اڪائونٽن تي ٻڌل هڪ وچولو خدمتي نيٽ ورڪ استعمال ڪيو ويو.
آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي (اين ايس اي)، سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفراسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي (سيسا)۽ وفاقي جاچ اداري (ايف بي آءِ) گڏيل خبرداري جاري ڪري آمريڪي ڪمپنين کي انهن مبينا سرگرمين کان آگاهه ڪيو آهي. انهن ادارن چيني اي آءِ ڪمپنين تي الزام هنيو آهي ته اهي وڏي صنعتي پيماني تي ڳجهيون سرگرميون ڪري آمريڪي اي آءِ نظامن جون صلاحيتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
چيني اي آءِ ڪمپنين تي ماڊلز جون صلاحيتون نقل ڪرڻ جو الزام
آمريڪي حڪومت جي گڏيل خبرداريءَ ۾ ڊيپ سيڪ، مون شاٽ اي آءِ، علي بابا، ميني ميڪس، اسٽيپ فن ۽ زيڊ اي آءِ جا نالا ڏنا ويا آهن. رپورٽ موجب، اهي ڪمپنيون گهٽ ۾ گهٽ 2024ع جي آخري مهينن کان وڏي پيماني تي اي آءِ ماڊلز جون صلاحيتون نقل ڪرڻ وارين مهمن ۾ ملوث رهيون آهن.
ماڊل ڊسٽليشن هڪ ٽيڪنيڪ آهي، جنهن ۾ وڌيڪ ترقي يافته اي آءِ ماڊل مان حاصل ٿيندڙ جوابن ۽ نتيجن کي استعمال ڪري ڪنهن ٻئي نظام کي تربيت ڏني ويندي آهي، ته جيئن اهو به ساڳيون يا ملندڙ صلاحيتون حاصل ڪري سگهي.
اينٿروپڪ تسليم ڪيو آهي ته ماڊل ڊسٽليشن تربيت جو هڪ جائز طريقو آهي. پر ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته قابلِ اعتماد ۽ شفاف تحقيق لاءِ ڪنهن ترقي يافته ماڊل کي ”استاد“ طور استعمال ڪرڻ ۽ اجازت کانسواءِ ڳجهي مهم هلائڻ ۾ وڏو فرق آهي.
اينٿروپڪ پنهنجي رپورٽ ۾ وضاحت ڪئي آهي ته غيرقانوني ڊسٽليشن مان مراد اهڙي وڏي پيماني واري ڳجهي مهم آهي، جنهن ذريعي ڪنهن ماڊل جون صلاحيتون حاصل ڪري، اجازت کانسواءِ انهن کي ڪنهن ٻئي ماڊل ۾ نقل ڪيو وڃي.
ڪمپنيءَ جو خيال آهي ته چيني ڊولپرز آمريڪي اي آءِ نظامن تي لاڳو پابندين کان بچڻ لاءِ ٽئين ڌر جي گڏيل خدمتن، ڪلائوڊ فراهم ڪندڙن ۽ ”ٽرانسفر اسٽيشنز“ نالي وچولي خدمتن جو استعمال ڪيو.
اينٿروپڪ جا سڀ کان وڌيڪ تفصيلي الزام مون شاٽ اي آءِ خلاف آهن، جيڪا ڪيمي چيٽ بوٽ تيار ڪري ٿي. رپورٽ موجب، علي بابا به مئي کان جولاءِ 2026ع دوران 15 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث نظر آئي، جن جو تعلق ماڊلز جون صلاحيتون نقل ڪرڻ سان هو.
تنهن هوندي به، انهن الزامن تي شڪ پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. شينزين ۾ قائم جي جي انويسٽمينٽ جي سيڙپڪاري مينيجر وانگ زيبن سوال اٿاريو ته ڇا اينٿروپڪ پنهنجي الزامن جي آزاداڻي تصديق لاءِ ڪافي ثبوت پيش ڪيا آهن؟
وانگ سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ کي ٻڌايو ته رپورٽ ۾ اهڙا ڪافي واضح مثال موجود ناهن، جن جي بنياد تي آزاد نموني تصديق ڪري سگهجي ته انهن ڪمپنين اي آءِ ماڊلز جا نتيجا ڪيئن حاصل ڪيا يا انهن کي ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪيو.
الزامن سبب حساس چيني ڊيٽا بابت خدشا
رپورٽن موجب، اينٿروپڪ جي الزامن کانپوءِ چيني اختيارين پنهنجي ملڪ جي اي آءِ ٺاهيندڙ ڪمپنين کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب، چين جي سائبر اسپيس ايڊمنسٽريشن شروعات ۾ ست اي آءِ ٺاهيندڙ ڪمپنين کان سوال ڪيا، پر پوءِ ڌيان ڊيپ سيڪ ۽ مون شاٽ تي مرڪوز ڪيو.
مون شاٽ ۽ ڊيپ سيڪ، اخبار جي تبصري لاءِ موڪليل درخواستن جو جواب نه ڏنو.
ٻئي طرف، اين ايس اي، ايف بي آءِ ۽ سيسا آمريڪي اي آءِ ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي اهڙين سرگرمين جي سڃاڻپ لاءِ پنهنجا نظام وڌيڪ مضبوط ڪن، مخصوص حفاظتي قدم کڻن ۽ شڪي سرگرمين بابت ڄاڻ هڪ ٻئي سان ونڊين.
اينٿروپڪ چيو آهي ته هن سڃاڻپ ۾ آيل غلط استعمال وارين سرگرمين کي روڪيو آهي ۽ ڪلاڊ جي صلاحيتن کي اجازت کانسواءِ حاصل ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا آهن.
بهرحال، اهي الزام اڃا تڪراري آهن. اڃا تائين اهو مڪمل طور واضح ناهي ته انهن سرگرمين جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ ٽئين ڌر جون وچولي خدمتون ڪهڙي حد تائين ملوث رهيون آهن.










