اداڪار احد رضا مير جو شوبز مان وقفو وٺڻ جو اعلان

اداڪار احد رضا مير جو شوبز مان وقفو وٺڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪار سوشل ميڊيا تي هڪ لائيو سيشن منعقد ڪيو، جنهن دوران سندس مداحن طرفان مختلف سوال پڇيا ويا، جن مان اداڪار ڪيترن ئي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.
لائيو سيشن دوران احد رضا مير چيو ته ”مان ايندڙ سال شوبز صنعت مان وقفو وٺي رهيو آهيان. مون سوچيو ته توهان ماڻهن کي وقت کان اڳ ئي آگاهه ڪري ڇڏيان، جيئن توهان منهنجي هن فيصلي لاءِ تيار رهو.“
هن چيو ته ”مان هڪ وقفو وٺي رهيو آهيان، مڪمل طور تي منظرعام تان غائب رهندس ۽ پنهنجي گهرڀاتين سان وقت گذاريندس. ان دوران منهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ به بند رهندو ۽ اهو هڪ قسم جي عارضي رٽائرمينٽ هوندي.“

پهنجو تبصرو موڪليو