ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا نيِلم منير جي گهر پٽ جي پيدائش ٿي آهي. اداڪارا طرفان پاڻ ٻار جي پيدائش جو اعلان ته نه ڪيو ويو، پر سندس مڙس جي ويجهي دوست سوشل ميڊيا تي جوڙي جي گهر پٽ جي پيدائش بابت ڄاڻ ڏني.
ٽڪ ٽاڪ تي اعلان ڪندي اداڪارا جي مڙس جي دوست ٻڌايو ته منهنجي پياري ڀاءُ محمد راشد جي گهر پٽ جي پيدائش ٿي آهي، جنهن تي مان کيس دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
راشد جي دوست ڪيپشن ۾ ٻار لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو. محمد راشد ميانوالي جو آهي، دبئي ۾ سندس ٽريول ۽ ٽوئر جي بزنس کانسواءِ ڪافي ريسٽورنٽس به آهن.
واضح رهي ته اداڪارا نيِلم منير جي شادي جنوري 2025ع ۾ دبئي ۾ ٿي هئي. اداڪارا جي شادي جون تصويرون پڻ دبئي ۾ ڪڍيون ويون هيون.










