اداڪارا ميرا کي ڪينيڊا سرحد تان واپس آمريڪا موڪليو ويو

اداڪارا ميرا کي ڪينيڊا سرحد تان واپس آمريڪا موڪليو ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فلمي اداڪارا ميرا کي ڪينيڊا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، ڪيترن ڪلاڪن جي پڇا ڳاڇا بعد آمريڪا واپس موڪليو ويو
پاڪستان جي مشهور فلمي اداڪارا ميرا کي ڪينيڊا جي اميگريشن اختيارين نيگرا سرحد تي روڪي ورتو ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ کيس واپس آمريڪا موڪلي ڇڏيو.
هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اداڪارا ميرا ٻڌايو ته هوءَ نيويارڪ کان هڪ شو ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪينيڊا وڃي رهي هئي، پر اميگريشن اختيارين کيس سرحد تي روڪي ڇڏيو.
اداڪارا موجب، کيس پاڻ به خبر ناهي ته ڪينيڊا ۾ داخل ٿيڻ کان ڇو روڪيو ويو ۽ واپس آمريڪا ڇو موڪليو ويو. هوءَ هن معاملي جي حقيقتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ميرا ٻڌايو ته ڪينيڊا جي اميگريشن اختيارين کيس واپس موڪلڻ کان اڳ ڪجهه بنيادي نوعيت جا سوال ڪيا. کيس شڪ آهي ته شايد ڪنهن سندس خلاف بدنظميءَ تي ٻڌل شڪايت داخل ڪرائي هجي.
اداڪارا ان کان اڳ ڪيلگري جو دورو پڻ ڪري چڪي آهي، جتي هن پنهنجي فلم ”سائيڪو“ جي تشهير ڪئي هئي ۽ اسٽيج تي پرفارمنس پڻ ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو