عبدالمجيد بروهي
شهيد راڻي اها هستي هئي جنهن جي شهادت تي صرف سنڌ جا رهواسي نه رنا هئا صرف پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان فاٽا گلگت بلتستان جا ماڻهون نه رنا هئا ڪشمير سميت پوري دنيا ۾ محترما جي شهادت جو ٻڌي هر ماڻهون تي سڪتو تاري ٿي ويو آهي شهيد راڻي جي شهادت جو ٻڌي پوري دنيا جا ماڻهون غمزدا ٿي ويا هيا پوري پاڪستان ۾ ماڻهن پنهنجا ڪاروبار ٽن ڏينهن تائين پاڻمرادو بند ڪري شهيد راڻي جو سوڳ ملهايو هيو سنڌ سميت پاڪستان جي تمام جيالن جي گھرن ۾ تڏا وڇايا ويا هيا شهيد راڻي اهڙي هستي هئي جنهنجي موت جو ٻڌي مخالف به زاروقطار روئڻ لڳا هيا شهيد راڻي عظيم اڳواڻ هئي جنهن لاء جيترو لکان گھٽ آهي هن عظيم اڳواڻ جنهن جي پوري حياتي ڏکن سان ڀريل هئي جڏنهن جواني ۾ پير پاتائين ته ان وقت سندس والد کي بنا ڪنهن ڏوهه جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ واڙيو ويو ان وقت کيس ۽ سندس امڙ کي ظالم ضياء آمر پاران جيل ۾ واڙيو ويو کين سخت تشدد ڪري زبردستي جلاوطن ڪيو ويو سندس ڀائرن خلاف بيڏوهه هجڻ باوجود جلاوطن ڪرڻ سميت بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ شهيد راڻي جي بهادر والد قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سوليء تي چاڙهيو ويو ضياء جي مرڻ کانپوء شهيد راڻي کي هن ملڪ جي عوام جيء ۾ جاء ڏئي وڏي اڪثريت سان کٽرائي وزير اعظم جي ڪرسيء تي ويهاريو پر ان بعد انهن ئي ضياء جي باقيات پاران شهيد راڻي جي حڪومت کي وقت کان اڳ ۾ ختم ڪري سندس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا جنهن بعد ضياء جي باقيات کي حڪومت ڏني وئي جنهنجي حڪومت بعد وري شهيد راڻي جي حڪومت قائم ٿي ته ان جي ئي حڪومت ۾ سندس بهادر دلير ڀاء کي شهيد ڪرائي هڪ احسان فراموش جي هٿان ضياء جي باقيات پاران محترما جي حڪومت ختم ڪري سندس مڙس بهادر اڳواڻ آصف علي زرداريء کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل حوالي ڪيو ويو جنهن خلاف هڪ ضياء جي ڇاڙتي پاران سخت تشدد ڪري ان ڳالهه تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته آصف علي زرداري محترما خلاف واعدا معاف گواهه بڻجي پر هن مرد حر اهو چئي کين جواب ڏنائين ته مان مري ته سگھان ٿو پر محترما خلاف ڪوڙا بيان نٿو ڏئي سگھان جنهن بعد ٻارنهن سالن تائين شهيد راڻي جي مڙس کي جيل ۾ واڙيو ويو جنهن بعد کيس ڏوهه ثابت نه ٿيڻ جي ڪري ٻارنهن سالن بعد باعزت بري ڪيو ويو جنهن بعد شهيد راڻي پاران پنهنجي ملڪ پاڪستان جي عوام کي دهشتگردن جي رحم ڪرم ۽ هڪ ظالم آمر مشرف جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ بجاء پاڪستان جي عوام کي انهن ظالمن کان نجات ڏيارڻ جي لاء وطن واپس ورڻ جو اعلان ڪيائين ته کيس مشرف سميت حڪومتي عملدارن پاران فون ڪري ۽ پيغام موڪلي ڌمڪايوـويو تـ خبردارا اگر توھان واپس ايندئو تـ توھان سان سٺو نـ ٿيندو مطلب تـ شھيد راڻي کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون ويون پر شھيد راڻي پاران کين جواب ڏنو ويو تـ ھن وقت منھنجي ملڪ پاڪستان جو عوام ھن وقت سخت مشڪلاتن ۾ آھن دھشتگردن پاڪستان ۾ پير پائي اتي اڏا اڏي ورتا آھن ظالم حڪمران عوام ۽ پاڪستان جي سالميت لاء نقصانڪار آھن ان صورتحال ۾ آء ھتي ويھي بس ڏسندي رھان آء ائين نٿي ڪري سگھان ھر حال ۾ اعلانيل تاريخ تي ڏيھ واپس ويندس جنھن بعد ھوء اعلانيل 18 آڪٽوبر تي پاڪستان واپس آئي ڪراچي ايئرپورٽ تي 50 لک کان مٿي پاڪستانين پاران شھيد راڻي جو شاندار ۽ پرجوش استقبال ڪري دشمنن جي خيمن ۾ ھلچل پيدا ڪري ڇڏي جنھن بعد حڪومت پاران غنڊا گردي ڪندي قافلي جي روٽ جي اسٽريٽ لائيٽ جي بجلي بند ڪري ڇڏيائون تاريخي ريلي ۽ استقبال کان خوفزدا ٿي انھن بجلي بند ڪرڻ جھڙوڪريل ڪم ڪيو بجلي بند ھجڻ باوجود ريلي ۾ عوام جو جوش جذبو وڌندو پيو وڃي جنھن بعد پاڪستان جي سالميت جي دشمنن ۽ عوام جي دشمنن پاران شھيد راڻي کي پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ ڏسي پنھنجي ڪريل حرڪت لھي آيا شھيد راڻي سميت پ پ پ جي پوري قيادت مٿان خودڪش حملو ڪرڻ جي لاء شھيد راڻي جي گاڏي طرف وڌڻ جي ڪوشش دوران جڏنھن انھن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تـ انھن بزدلن پاران ان پرجوش ھجوم جي وچ ۾ خودڪش حملو ڪري شھيد راڻي مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو جنھن شھيد راڻي ھن ملڪ جي ڪروڙين عوام جي دعاء سان سلامت رھي پر ان حملي ۾ شھيد راڻي جا تقريبن 280 جانثار شھيد راڻي جي حفاظت ڪندي جام شھادت پيتو ان دوران بـ جيڪي سوين جانثار سخت زخمي ٿي پيا ھيا انھن کي پنھنجن زخمن کان وڌيڪ شھيد راڻي جو فڪر ھيو اھي زخمي حالت ۾ بـ رڙيون ڪري شھيد راڻي بابت معملو م ڪندا رھيا بي بي جا جانثار اتان ڀڄڻ بدران شھيد راڻي کي حفاظت سان گاڏي ۾ ويھاري جيسيتائين کين خبر نـ پئي تـ شھيد راڻي خيريت سان بلالل ھائوس پھتي آھي تيسيتائيبن اھي جانثار پنھنجي گھرن ڏانھن نـ موٽيا ھيا ھتي سلام سرخ سلام پيش ڪريان ٿو شھيد راڻي کي جنھن کي خودڪش حملي بعد بـ دشمنن پاران فون خط ذريعي موت مار ڌمڪيون موڪليندا رھيا پر ھيء تـ ھڪ بھادر پيء جي بھادر نياڻي ھئي جنھن پنھنجي جانثارن کي ان ڏکي صورتحال ۾ ڪئن پئي ڇڏي سگھي شھيد راڻي بھادري جو اعلا مثال قائم ڪندي خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن سان بنا پروٽوڪول جي ملڻ جي لاء اسپتال وڃي پھتي جتي سخت زخمي جيالا پنھنجي محبوب اڳواڻ کي پنھنجي قريب ڏسي پنھنجا زخم وساري جيئي ڀٽو جا نعرا بلند ڪري بستري تان اٿڻجي ڪوشش ڪري شھيد راڻي سان ملڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا صرف اتي شھيد راڻي نـ رڪي ھوء بنا پنھنجي سيڪيورٽي وارن کي ٻڌائڻ جي انھن جانثارن جي گھر انھن جي وارثن سان ملڻ لاء ويندي رھي جتي بـ انھن جيالن جي وارثن کيس جيئي ڀٽوجي نعرن سان استقبال ڪري چيو تـ ھي تـ ڇا پر اسان جا خاندان توھان مٿان قربان ٿيڻ لاء تيار آھيون شھيد راڻي بعد ۾ پنھنجي ھر جلسي ۾ ملڪ دشمنن دھشتگردن کي سرعام للڪاريندي دھشتگردن کي چوندي رھي تـ توھان دين اسلام جا دشمن آھيو توھان انسانيت جا دشمن آھيو توھان منھنجي ملڪ پاڪستان مان نڪري وڃو ٻئي صورت ۾ توھان جو برو ھشر ڪيو ويندو شھيد راڻي ۽ ملڪ جي دشمنن ۽ انسانيت جي دشمنن پاران آخرڪار پنھنجي ھڪ بزدلاني ڪاروائي ۾ 27 ڊسمبر تي شھيد راڻي کي شھيد ڪري ھن ملڪ کي ملڪ جي عوام کي يتيم ڪري ڇڏيو اڄ شھيد راڻي کي اسان کان وڇڙي ڪيترائي سال ٿي ويا آھن پر شھيد راڻي اڄ پاڪستان جي عوام دلين ۾ رھي ٿي سندس ورسي تي پاڪستان مان سندس لکين چاھيندڙ ڳڙھي خدابخش ڀٽو پھچي کيس ڀيٽا پيش ڪندا آھن جڏنھن تـ سندس حفاظت ڪندي پنھنجي جان جو نذرانو ڏيندڙ ڪارساز سانحي جي شھيدن کي پڻ پ پ پ جي قيادت ۽ جيالن پاران ناھي وساريو ويو آڪٽوبر مھينو شروع ٿيندي ئي پ پ پ جا جيالا پوري پاڪستان ۾ پنھنجي شھيد جيالن جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪندا آھن جڏنھن تـ 18 آڪٽوبر تي پوري ملڪ ۾ شھيدن جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪا جلسا ڪري کي جيالن کي آلين اکين ۽ رت جا ڳوڙھا ڳاڙھي ڀيٽا پيش ڪري ياد ڪيو ويندو آھي










