رونالڊو تي 30 ڏينهن جي پابندي، ڏنڊ به لاڳو

رونالڊو تي 30 ڏينهن جي پابندي، ڏنڊ به لاڳو

دبئي (ويب ڊيسڪ) پرتگال فٽبال فيڊريشن قومي ٽيم جو تربيتي ڪيمپ ڇڏي وڃڻ تي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو تي 30 ڏينهن جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته مٿس 255 يورو ڏنڊ پڻ وڌو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب رونالڊو جو ٽيم ۾ پنهنجي ڪردار بابت ڪوچ جارج ژيزس سان اختلاف ٿيو هو، جنهن کانپوءِ هن ڪوپن هيگن ۾ پرتگال جو تربيتي ڪيمپ ڇڏي ڏنو هو. فيڊريشن جي ڊسيپلينري ڪائونسل 41 ورهين جي فارورڊ رانديگر خلاف الزام برقرار رکندي چيو ته هن ڄاڻي واڻي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي. رپورٽن موجب رونالڊو کي ڊنمارڪ خلاف نئشنز ليگ جي ميچ کان اڳ تربيتي ڪيمپ ڇڏڻ جو واقعو پيش آيو. ان کان اڳ ناروي خلاف ميچ ۾ کيس متبادل رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو هو، پر ميدان ۾ کيڏڻ جو موقعو نه مليو. رونالڊو الزام هنيو هو ته ڪوچ جارج ژيزس ٽيم ۾ سندس ڪردار بابت ٻه ڀيرا ڪيل واعدا پورا نه ڪيا. ٻئي طرف ڪوچ اهڙي ڪنهن به معاهدي جي موجودگيءَ کان انڪار ڪيو هو. فيڊريشن پنهنجي بيان ۾ واضح نه ڪيو آهي ته پابندي ڪهڙين ميچن يا سرگرمين تي لاڳو ٿيندي ۽ ڇا اڳ ۾ عارضي پابنديءَ هيٺ گذاريل وقت کي 30 ڏينهن جي سزا ۾ شامل ڪيو ويندو. رونالڊو واقعي کانپوءِ مداحن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ساٿي رانديگرن کي ڇڏي وڃڻ تي معذرت ڪندي چيو هو ته سزا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قومي ٽيم لاءِ دستياب هوندو. فيڊريشن جي صدر پيڊرو پروينسا پڻ چيو آهي ته معاملو حل ٿيڻ کانپوءِ سڀئي رونالڊو جي قومي ٽيم ۾ واپسي جا خواهشمند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو