24 ڪلاڪن اندر شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي: عدالت

ٽنڊومحمد خان(ن س) سيشن جج 24 ڪلاڪن اندر شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سيشن جج سٽي شهري جي شڪايت تي  چيئرمن شاھ نواز شاھ ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي انتظاميه سان گڏجي شهر جو دورو ڪيو جنهن تي سيشن جج پاڻي جي مڪمل نيڪالي ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر پنھنجي رپورٽ سيشن ڪورٽ ۾  لکت ۾ پيش ڪيو نه ته ٻي صورت ۾ توهان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ آئيندہ لاءِ ڪنزيومر ڪورٽ جي نگراني م ڪم ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو