2017-18 بابت آڊٽ رپورٽ ۾ 15 کرب کان وڌيڪ گهپلن جو انڪشاف

2017-18 بابت آڊٽ رپورٽ ۾ 15 کرب کان وڌيڪ گهپلن جو انڪشاف

اسلام آباد (اياز مهر) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مالي سال 2017-18 بابت آڊٽ رپورٽ ۾ 15 کرب 673 ارب روپين جي مالي بي ضابطگين، گهپلن ۽ بدعنواني جي نشاندهي ڪئي آهي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اضافي ادا ڪيل رقم واپس وٺڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي. آئين موجب هر سال منظور ڪيل بجٽ جي آڊٽ ڪري صدر ۽ پارليامينٽ ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو آديٽر جنرل پابند هوندو آهي. آديٽر جنرل جاويد جهانگير مالي سال 2017-18 بابت آڊٽ رپورٽ صدر عارف علوي کي پيش ڪري ڇڏي آهي ۽ ان جي ڪاپي پارليمان کي پڻ اماڻي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ 40 وفاقي کاتن ۽ ادارن جي بجٽ ۾ 15 ڪيسز ۾ 14 کرب 562 ارب روپين جي خرد برد ۽ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

آڊيٽر جنرل 50 وفاقي کاتن جي آڊٽ ڪرڻ جو پابند آهي پر هي رپورٽ 40 کاتن بابت آهي. فوج سميت ڪجهه ادارن پاران آڊٽ لاءِ گهربل رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ جي به رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آڊٽ اعتراضن ۾ نشاندهي ڪيل اضافي ادائگين واري رقم مان 4 ارب 90 ڪروڙ روپيا وصول ڪيا ويا آهن پر اڃا به اربين روپين جي وصولي ناهي ڪئي وئي. فراد ۽ ڪرپشن جي 11 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ 86 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم هڙپ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي کاتي ۾ پڻ ڪروڙين روپين جي مالي بي ضابطگين جي نشاندهي ٿيل آهي ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ رڪارڊ نه فراهم ڪرڻ جي شڪايت به ڪئي وئي آهي. ريلوي، واپڊا، اسٽيل ملز ۽ پي آٰءِ اي سميت اڪثر ادارن ۾ اربين روپين جي گهپلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. دفاعي مقصدن لاءِ حاصل ڪيل زمين تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ان بابت ماضي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي ازالي لاءِ ڪي به اپاءَ نه وٺڻ جي به شڪايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته مالي سال 2017-18 بابت ن وقت جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جيڪا بجٽ پيش ڪئي هئي ان جو ڪل حجم 51 کرب 91 ارب 82 ڪروڙ 60 لک روپيا هو.

پهنجو تبصرو موڪليو