20هين صدي جو سڀ کان وڏو موتمار هٿيار ڪهڙو آهي؟

جيڪڏهن ڪنهن کان به اهو سوال ڪجي ته 20 هين صدي جو سڀني کان وڌيڪ موتمار هٿيار ڪهڙو آهي ته هڪدم هر ڪنهن جي ذهن ۾ شايد ايٽم بم جو نالو ايندو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ايٽم بم دنيا جي 8 ملڪن وٽ آهي استعمال صرف 1945 ۾ هڪ ڀيرو آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن ناگاساڪاي ۽ هيرو شيما ۾ ڪيو ويو جنهن 2 لک ماڻهو مري ويا هئا. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو جنهن هٿيار سان مئا آهن ان جو نالو آهي ڪلاشنڪوف. پهريون ڀيرو هي هٿيار 1947 ۾ ٺهيو جنهن ڪري ان کي AK47 به سڏيو ويندو آهي. هي هٿيار روسي فوج لاءِ ڳجهي نموني تيار ڪيو ويو ۽ 1949 ۾ سوويت يونين جي فوج جي استعمال ۾ آيو. بعد ۾ هن جي ماڊل ۾ تبديلي ايندي رهي. هي هٿيار ٺاهيندڙ ميخائل ڪلاشنڪوف روسي فوج م ٽئنڪ جو مڪينڪ هو  ۽ جرمن فوج جي حملي ۾ 1941 ۾ زخمي ٿيو هو. هن ڏٺو ته جرمن فوج وٽ جديد هٿيار آهن ۽ هن به نئون هٿيار ٺاهڻ بابت غور شروع ڪيو، هن ڪيترن ئي هٿيارن جا ڊزائن ٺاهيا پر منظور نه ٿي سگهيا نيٺ ڪلاشنڪوف جي ڊزائن منظور ٿي هئي. هن هٿيار جو خالق 10 نومبر 1919 ۾ ڄائو ۽ 94 سالن جي ڄمار ۾ 2013 ۾ فوت ٿي ويو. سندس هٿيار کي روس جا سڀ وڏا انعام ۽ اعزاز مليا. هن دٻي ۾ چين واري پي ڪي مشين گن به ايجاد ڪئي هئي. دنيا ۾ ڪلاشنڪوف جيترو تيزي سان مقبول ٿي ايترو ڪو به هٿيار اڄ تائين مقبوليت ناهي ماڻي سگهيو. دنيا جي اڪثر ملڪن جي فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪورٽي فورسز هجن يا ڌاڙيل، دهشتگرد يا ٻيا ڏوهاري انهن سڀني جو هي محبوب هٿيار آهي. ان جي مقبوليت جو وڏو سبب مينٽيننس آسان آهي، سخت کان سخت گرمي هجي توڙي سردي، پاڻي هجي يا ريگستاني طوفان هر جاءِ ۽ هر مند ۾ سدا بهار هٿيار آهي. ان سان گڏوگڏ هي هٿيار هلڪو، ننڍو، استعمال ۾ تمام آسان ، هن جي گولي نه ڦاسندي آهي ۽ تمام ڀروسي جوڳو هٿيار هئڻ سبب تيزي سان مقبول ٿيو. 2007 ۾ رپورٽر جڏهن هن هٿيار جي خالق کان پڇو هو ته توهان کي رات جو ننڊ ڪيئن ايندي آهي اوهان جو ايجاد ڪيل هٿيار سان دنيا ۾ ايترا ماڻهو مئا آهن جيترا جنگين ۾ به نه مئا آهن ته هن چيو هو ته هو سڪون سان ننڊ ڪندو آهي، ماڻهن مرڻ جا ذميوار سياستدان آهن جيڪي اختلاف پيدا ڪن ٿا ۽ تشدد جو سبب بڻجن ٿا. هن زندگي جي آخري سال ۾ وفات کان اڳ چرچ وارن کي خط لکي چيو هو ته هن جي ايجاد ڪيل هٿيار سبب دنيا م ٿيندڙ قتل عام تي هن کي افسوس آهي ۽ هو پاڻ کي ان جو ذميوار سمجهي ٿو. (هي مضمون رچرڊ گندرمين سائنس الرٽ لاءِ لکيو جيڪو سندن ٿورن سان سنڌيار ۾ شايع ڪيو ويو. سنڌيار سٿ پاران اضافو، ياد رهي ته ڪلاشنڪوف هڪ منٽ ۾ 20 گوليون فائر ڪندي آهي ۽ موثر موت جي رينج 400 ميٽر آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو