ڦٽي جي بهتر پيداوار،تصديق ٿيل ٻج استعمال ڪرڻ تي زور

گهوٽڪي (رپورٽ اسد مير چاچڙ) ڪپھ جو فصل دنيا جي 100 ملڪن ۾ پوکيو وڃي ٿو ۽ پيداوار جي لحظ کان پاڪستان چوٿين نمبر تي آھي. اهڙو اظهار زرعي ماهرن فوجي فرٽيلائيزرڪمپني پاران ڪپھ جي فصل ۾ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاء آبادگارن کي ڄاڻ ڏيڻ بابت منعقد سيمينارکي خطاب ۾ ڪيو. مقررن چيو ته ڪپھ جي فصل مان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاء سڀ کان پھريان زمين کي هموار ڪيو وڃي، فصل جي وقت تي پوکائي، تصديق ٿيل ٻج استعمال ڪرڻ، پاڻي ۽ ڀاڻ جو صحيح استعمال ڪرڻ سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگھجي ٿي. مقررن ٻڌايو ته سنڌ ۾ گھوٽڪي ۽ سانگھڙ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪپھ جو فصل پوکيو ويندوآھي، جيڪو ڪجھ سالن کان ڪمند جو فصل ٿيڻ ڪري ڪپهه جي پوکائي گهٽ ٿي آهي. مقررن چيو ته اسان جو مقصد اھو آھي ته ڪپھ جي فصل مان في ايڪڙ اڳي جي ڀيٽ ۾ آبادگار وڌيڪ پيداور حاصل ڪري ته جيئن آبادگار خوشحال ٿين، آبادگارن جي خوشحال ٿيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو.

عبدالحميد لودھي ۽ حسن رضا چيوته سموري ملڪ اند سال ۾ يوريا ڀاڻ جو وڪرو  58 کان 60 لک ٽن ٿئي ٿو، جنھن جا اگھ به مناسب آھن ۽ آبادگارن کي گھرجي ته ڀاڻ جو صحيح استعمال ڪري ڪپھ جي فصل ۾ في ايڪڙ پيداوار ۾ 10 کان 15 مڻ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي. سيمينار ۾ ايف ايف سي جي ھيڊ آف فارم ايڊوائيزري سينٽر جي عبدالحميد لودھي ريجنل مينيجر محمد نعيم اختر ايريا مينيجر حسن رضا زراعت کاتي سکر جي ڊاريڪٽر شفيع محمد لاڙڪ ڊائريڪٽر ايازحسين ابڙو, ڪاٽن ريسرچ سينٽر گھوٽڪي جي انچارچ عزيز احمد ميمڻ آبادگار اڳواڻ مجيب الرحمان ڪلوڙ ميڊم نورين اسرار سميت  ايف ايف سي جي عملدارن زرعي ماھرن  ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو