عدالت پاران نقلي ڊيڊ بابت مريم خلاف نيب جو ڪيس خارج

اسلام آباد( اياز مهر) احتساب عدالت نيب جي مريم خلاف فراڊ هيٺ ڪاروائي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. نيب چيو هو ته هن نقلي ٽرسٽ ڊيڊ ڏني آهي کيس فراڊ جي ڪيس ۾ سزا ڏني وڃي. عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ پراپرٽي ۾ نقلي ٽرسٽ ڊيڊ ڪيس ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت پهچي وئي. نمريم نواز ڪارو لباس پائي آئي. سندس مڙس صفدر، مريم اورنگزيب، پرويز رشيد ۽ ٻيا گڏ هئا. ان موقعي تي ڪارڪنن نعرن سان سندس استقبال ڪيو. پوليس وارن ڪجهه ڪارڪنن کي گرفتار به ڪيو آهي جنهن تي مريم صحافي جي سوال تي چيو ته 126 ڏينهن اسلام آباد کي مفلوج بنائيندڙ حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، پرامن استقبالي ڪارڪنن کي گرفتار ڪن ٿا.

فوٽو ايڪسپريس جي ٿورن سان

مريم نواز خلاف پناما پيپرز ۾ ايون فيلڊ پراپرٽي ۾ جيڪا ٽرسٽ ڊيڊ 2006 جي تاريخ ۾ ڏني هئي اها ڪيليبري فونٽ سان لکيل هئي ۽ مائيڪرو سوفٽوارن چيو هو ته 2006 ۾ هنن اهو فونٽ مارڪيٽ نه ڪيو هو. نواز شريف ۽ مريم کي ايون فيلڊ ڪيس ۾ ترتيبوار 10 ۽ 7 سال سزا ملي هئي. جج محمد بشير 6 جولاءِ 2018 تي ٻڌايل فيصلي ۾ نقلي ٽرسٽ ڊيڊ تي به کيس سزا ڏيندي 20 لک پائونڊ جو ڏنڊ وڌو هو. جنهن بعد مريم کي جيل ۾ وڌو ويو هو پر بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سزا معطل ڪرڻ جي حڪم تي کيس سيپٽمبر 2018 تي آزاد ڪيو ويو هو. ساڳئي ڪيس ۾ وري نيب جي درخواست تي ساڳيو جج نقلي ٽرسٽ ڊيڊ جو ڪيس ٻڌي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو