هالاڻي)طارق جان سهتو) ٽائون ڪاميٽي هالاڻي جي چيئرمين ملڪ ذوالفقار اعواڻ پاران سنڌ جي ثقافتي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاء ڪوڏي ڪوڏي راند جو مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مشهور رانديگرن حصو ورتو. ڪوڏي ڪوڏي راند ۾ درگاھ هالاڻي شريف جي گادي نشين پير سيد نثار احمد شاھ ، ملڪ عبدالغفار اعواڻ ، وڏيرو عبدالحڪيم سهتو شاعر اديب اقبال گاڏهي سميت شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪوڏي ڪوڏي راند ۾ رانديگرن آفتاب جٽ ۽ اظھر ڇوٽو سميت ڪيترن ئي رانديگرن ڀلوڙ راند جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين ملڪ ذوالفقار اعواڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جون ثقافتي رانديون ملھ ۽ ڪوڏي ڪوڏي آهن پر افسوس جو قومي رانديون سنڌ ۾ کيڏڻ جو رواج گهٽجندو پيو وڃي ان ڪري اسان سنڌ جي ثقافتي راندين کي اجاگر ڪرڻ لاء پهريان ملھ مقابلا ڪرايا ۽ هاڻي ڪوڏي ڪوڏي ٽرنامينٽ ڪرايو جيئن اسان جو نوجوان نسل پنهنجي قومي راندين مان لطف اندوز ٿي سگهي.










