پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ ٿيل هڪ تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ڪولڊ ڊرنڪ يا ڊائيٽ ڪولڊ ڊرنڪ پيئڻ وارن جي وقت کان اڳ موت جو 26 سيڪڙو چانس هجي ٿو. يورپ جي ساڍا چار لک ماڻهن تي تجربو ڪرڻ بعد مليل نتيجن موجب اهو تاثر غلط آهي ته ڊائيٽ سافٽ ڊرنڪ ۾ شوگر يا ڪاربو هائيڊريٽس نه هوندا آهن يا گهٽ هوندا آهن. تحقيق موجب جيڪو ماڻهو ٻه گلاس روزانو ڊائيٽ ڊرنڪ پيئي ٿو اهو نه صرف وقت کان اڳ فوت ٿي وڃي ٿو 52 سيڪڙو چانس آهي ته کيس شريانن، بد هاضمي، بلڪ شوگر، فالج، دل، بلڊ پريشر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. تحقيق ڪار داڪٽر نيل مرفي موجب ماڻهن کي سافٽ يا ڊائيٽ ڊرنڪ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڊائبيٽڪس ٽائپ ٽو ۽ ٽيومر ٿيڻ جو وڏو سبب سافٽ ۽ ڊائيٽ ڊرنڪ جو استعمال آهي. هن ٻڌايو ته 2010 ۾ سافٽ ڊرنڪس سبب هڪ لک 84 هزار ماڻهن جو موت واقع ٿيو هو. هيءَ تحقيق فرانس جي انٽرنيشل ايجنسي فار ريسرچ آن ڪينسر پڇاران ڪئي وئي. ڊاڪٽر مرفي صلاح ڏني آهي ته صحتمند رهڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو پاڻي استعمال ڪيو وڃي.










