ڪورونا کي روڪڻ ۾ اسان جو ڪردار، امان ﷲ سومرو

ڪورونا وائرس سبب سموري دنيا اندر تباهه ڪاريون جاري آهن. جنهن بعد دنيا اندر ڏيڍ ڪروڙ 31 کان مٿي ماڻھو عالمي وبا جي ور چڙهيل آهن 6 لک 30 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ اهو سلسلو گذريل 8 مھينن کان اڃان تائين جاري آهي. ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪرڻ لاءِ دنيا رات ڏينهن ڪم ڪري پئي ۽ ايندڙ مهيني تائين امڪان آهي ته ڪا سٺي خبر ملي. تنهن باوجود وائرس خلاف دنيا جي مختلف ملڪن توڙي ورلڊ ھيلٿ آرگنائزيشنز سان تعلق رکندڙ طبي ماھرن پاران تجرباتي مشاهدا جاري آهن. ڪورونا وائرس سبب معاشي نقصان جو ڪاٿو لڳائيندي معاشي ماھرن پاران ھڪ اندازي موجب ڪورونا وائرس سبب دنيا کي لڳ ڀڳ 4 ٽرلين ڊالرن جي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي ۽ ڪنگز ڪاليج لنڊن پاران تازي جاري ڪيل تحقيق جو حوالو ڏيندي عالمي سطحي تي ڪم ڪندڙ  امدادي اداري آڪسفيم پاران خبردار ڪيو ويو آهي ته عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ معاشي بحران سبب عالمي غربت اندر اڌ ارب تائين جو اضافو پڻ ٿي سگهي ٿو.

file photo

پاڪستان سميت دنيا اندر ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌڻ پٺيان ماڻهن پاران سوشل ميڊيا توڙي ميسجنگ ايپليڪيشن ذريعي حاصل ڪيل غلط علاج سان ڪورونا وائرس خلاف پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ۾ آندا ويا جنهن سبب پاڪستان سميت سموري دنيا اندر ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي. جڏهن ته اھڙي ڪوڙن حربن باوجود ڪورونا وائرس پنهنجي آب وتاب سان دنيا اندر بغير ڪنهن فرق ۽ ننڍي توڙي وڏي، امير توڙي غريب، مرد توڙي عورت ۽ ايتري قدر جو دنيا جي ڪنهن به مذهب کي مڃي بغير پنهنجو ڪم جاري ۽ ساري رکيون ويٺو آهي تنھن باوجود ھڪ پاسي دنيا ۾ موجود نجومين ۽ غلط خبرون ڦيلائيدڙ ماڻهن پاران ھٿ ٺوڪيو علاج ٻڌائي وائرس سبب پيدا ٿيندڙ نقصان ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي سٺي تعليم ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻهن پاران بغير ڪنهن تصديق جي سوشل ميڊيا ۽ ميسجنگ ايپس ذريعي معلومات حاصل ڪرڻ بعد ڦهلائڻ معمول بڻيل آهي جنهن جي نتيجتن دنيا جا اڌ حصو لاڪ ڊائون ۾  آهي ته اڌ حصو اندر طبي ماھرن پاران جاري ڪيل اسٽينڊرڊ آپريٽنگ سسٽم تحت ساھ کڻي زندگي جي ڏيئي کي روشن رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي حڪومتي حلقن پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ابن انسان لاءِ فڪر جو لمحو اهو به آهي ته ڪجهه ملڪن اندر وائرس مڪمل طور تي ختم ٿيڻ باوجود ھڪ دفعو ٻيھر ڪر کڻڻ لڳو آهي. ھڪ غير ملڪي خابرو اداري پاران اھا پڻ رپورٽ شايع ڪئي وئي هئي ته ايران، عراق ۽ ڪجهه ملڪن اندر ماڻهن پاران بغير ڪنهن تصديق جي مليريا ۽ وائرل بيمارين جي علاج طور استعمال ٿيندڙ دوائون پڻ ڪورونا وائرس جي مريضن کي تجويز ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيڻ بعد اھڙي قسم جي علاج کي ڪوڙيون خبرون قرار ڏئي معاملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري سزا ڏيڻ بجاءِ معاملي کي ختم ڪيو ويو. ڪجهه ايشيائي ملڪن اندر نجومين پاران ڪورونا وائرس کان پاڻ بچائڻ لاءِ هلدي جو استعمال، ھر پندرهن منٽن بعد پاڻي پيئڻ، پيئڻ لاءِ گرم پاڻي جو استعمال، ڪريلن توڙي ليمي جي جوش پيئڻ، رات جو ڪائو چانهه پيئڻ ۽ ايتري قدر جو پاڙيسري ملڪ اندر ٺڳي سان علاج ڪندڙ ماڻهن پاران ڳئون جي پيشاب پيئڻ کي پڻ ڪورونا وائرس جو علاج ٻڌايو ويو، پر ان جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي ۽ صحت تي تجرباتي مشاهدا ڪندڙ ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشنز پاران اھڙن ھٿرادو ٽوٽڪن کي سوشل ميڊيا ذريعي ڪوڙ ڦهلائڻ قرار ڏنو ويو آهي. ڪيترا پنڊت، ٻاوا ۽ ملا جيڪي ڪورونا کي ڪوڙ قرار ڏين پيا ۽ ڌاڳن ڦيڻن سان علاج جا ڊرامه ڪري رهيا هئا انهن جي فوتگي جون خبرون به آيون ته هو ڪورونا سبب فوت ٿي ويا. ھوڏانھن ترقي يافته ملڪ جھڙوڪ برطانيا، آمريڪا ۽ يورپ جي شھرين پاران تازو آيل 5G انٽرنيٽ کي ڪورونا وائرس پٺيان قصور وار ٺھرايو ويو آهي جنهن جي شروعات برطانوي شهري ڊيلر وئيچن پاران دي چينج او آر جي تي پٽيشن داخل ڪرڻ بعد ڪئي وئي جنهن کي برطانوي شھرين پاران سوشل ميڊيا ۽ مئسيجنگ اپيپس ذريعي اڳتي وڌايو ويو ان سان گڏوگڏ ٽيليويزن جي مشهور شخصيت امانڊا ھولڊن پاران پنهنجي 20 لک ٽئٽر فالورن سان شيئر ڪري ھڪ غير تصديق شدهه ڳالهه وڌائي ۽ ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو جنهن بعد برطانوی نيشنل ميڊيڪل ڊائريڪٽر آف اين ايڇ ايس اٽيفن پوئس پاران  برطانوي خابرو اداري رائٽرز کي ٻڌايو آهي ته انهن خبرن جي ردي جي ٽوڪري کان وڌيڪ ڪا حيثيت ناهي. آمريڪا ۾ به مآنهن مظاهرا ڪيا ته ڪاروبار کوليو وڏا جلوس ڪڍيا ويا. يعني اهڙي سوچ جا ناياب ماڻهو رڳو پاڪستان ۾ ڪونهن بلڪ هر جاءِ تي آهن. مشھور آئرش ڪھاڻي ڪار ۽ سياسي اڳواڻ جارج برنارڊ شا پاران شايد انهيءَ لاءِ چيو ويو ھو ته “اوهان کي ڪوڙ کان به باخبر رھڻ گهرجي، ڇو جو ھي سچ معلوم ھجڻ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي”.

بهرحال، ڪورونا وائرس کان پاڻ ۽ پنهنجن پيارن جي زندگي جو ڏيئو روشن رکڻ ۽ پنهنجي معاشي زندگي ۾ مشڪلاتون پيدا ٿيڻ کان بچاء لاءِ ھن وقت تائين آخري طريقو صرف ۽ صرف ڊبليو ايڇ او پاران تجويز ڪيل طريقا اپنائڻ ۽ حڪومتي تجويز ڪيل ايس او پيز تحت صاف پاڻي ۽ صابڻ سان گھٽ ۾ گھٽ 20 سيڪنٽن تائين ھٿ ڌوئڻ کي معمول بڻائڻ، سوشل ڊسٽنسنگ يعني پاڻ گھر تائين محدود ڪرڻ، ھٿ نه ملائڻ، گھر کان ٻاهر اچڻ بعد ڪنهن ٻئي انسان کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميٽر جو فاصلو رکڻ، انساني حجوم کان پري رهڻ، نڪ، ڪن ۽ اک کي ھٿ نه لڳائڻ، سينيٽائيزر جو بار بار استعمال ۽ ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ذريعي غير ضروري معلومات کان پاسو ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي. اميد ته اسان سڀ گڏجي انساني ايجاد ٿيندڙ وسوسن ڪوڙيون خبرون ٻڌڻ سان گڏوگڏ بغير تصديق جي ڦهلائڻ کان پڻ پاسو ڪندا سون ۽ صرف عالمي اداره صحت ڊبليو ايڇ او ۽ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تحت مليل معلومات تي عمل پيرا ٿي پنهنجي ۽ پيارن جي زندگي پچائڻ سميت ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا سين ۽ ھن عالمي وبا کي شڪست ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو