پارليامينٽيرينز کي 4، اپريل تي جي ايڇ ڪيو ۾ بريفنگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت م ڪنٽرول لائن تي هلندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پارليامينٽرينز کي 4 اپريل تي بريفنگ ڏيندو. قومي اسمبلي ۽ سينيٽ جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي ميمبيرن کي راولپنڊي ۾ واقع جي ايڇ ڪيو ۾ بريفنگ ڏني ويندي ۽ سندن مان ۾ مانجهاندو به ڏنو ويندو. قومي اسمبلي جي ڪاميٽي جي چيئرمين امجد علي خان ۽ سينيٽ جي ڪاميٽي جي چيئرمين اعظم خان سواتي واسطيدار ميمبرن کي چيو آهي ته هو چار اپريل تي صبح ڏهين وڳي پارليامينٽ هائوس جي هڪ نمبر گيٽ تي پوچي وڃن. هڪ مهيني ۾ اهو ٻيو دفعو آهي ته آرمي چيف پارليامينٽرينز کي ٻيو دفعو بريفنگ ڏئي رهيو آهي. پهريون دفعو 27 فيبروري تي ڀارتي جهاز ڪيرائڻ بعد پارليامينٽ هائوس جي بند ڪمري واري اجلاس ۾ کين بريفنگ ڏني هئي. جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان شرڪت نه ڪئي هئي. واضح رهي ته تازو وزيراعظم عمران خان چيو هو ته ڀارت ڪنهن به وقت ڪجهه به ڪري سگهي ٿو ۽ خطرو اڃا ٽريو ناهي، هن فوج کي چوڪس رهڻ جو به حڪم ڏنو هو. ماضي ۾ پيپلز پارٽي اهڙيون بريفنگس پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي ۽ هاڻي هڪ ته بريفنگ جي ايڇ ڪيو ۾ آهي ۽ ٻيو ته چار اپريل تي رکي وئي آهي. چار اپريل تي پيپلزپارٽي شهيد طٽو جي ورسي ڳڙهي خدابخش ۾ ملهائڻ ۽ ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسو پڻ ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبرن جي شرڪت بابت سينيٽر شيري رحمان سان رابطو ڪيو ويو پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي ۽ ايس ايم ايس جو به جواب خبر فائيل ڪرڻ تائين نه ڏنو. خورشيد جوڻيجو جيڪو قومي اسمبلي جي دفاع واري ڪميٽي جو ميمبر آهي، تنهن چيو ته ڀٽوشهيد جي ورسي سبب هو شرڪت نه ڪري سگهندو باقي ٻين ميمبرن جي شرڪت بابت هن چيو ته کيس خبر ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو