ڪراچي(شهزادو مستوئي) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪمند جي ڪرشنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو وڃي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ بينچ ڀريا شهر جي آبادگارن جي درخواست جي سماعت ڪئي. سماعت دوران عدالت بار بار ڪين ڪمشنر جي بدلين جو نوٽيس وٺندي چيو ته هي ڪهڙو طريقو آهي ته هڪ آفيسر اڃا چارج وٺي ڪم سمجهي مس ٿو ته کيس هٽايو ٿو وڃي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته ان جي منظوري چيف سيڪريٽري ڏيندو آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا هو ايترو طاقتور آهي ته واسطيدار کاتي جي صلاح کانسواءِ بدلي ٿو ڪري. عدالت هدايت ڪئي ته هر هر ڪين ڪمشنر جي بدلي کان پرهيز ڪئي وڃي ۽ ڪمند جي سيزن کان اڳ اگهه مقرر ڪيو وڃي.










