ڪرتار پور راهداري بابت پاڪ ڀارت ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

لاهور(م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي بابت ٿيل ڳالهين ۾اتفاق نه ٿي سگهيو، ڌريون ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي ڪرڻ تي متفق. پرڏيهي معاملن جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڳالهين بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه معاملن تي اڃا به اختلاف آهن ۽ هن موقعي تي هو اختلافي معاملن جو تفصيل نٿو ٻڌائي سگھي. هن چيو تو ڳالهين جي بحالي ۽ گڏيل پڌرنامو جاري ٿيڻ خطي جي امن بابت ڪاميابي آهي. ڀارتي علائقي اٽاري ۾ پاڪستان ۽ ڀارتي وفدن وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو، ڳالهين دوران پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۾ ڊي جي سائوٿ ۽ پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڪئي، وفد ۾ پرڏيهي توڙي گهرو وزارت، قانون، انصاف ۽ مذهبي معاملن وارين وزارتن جا عملدار به شامل هئا، ڳالهيون ختم ٿيڻ بعد پاڪستاني وفد واهگه بارڊر ذريعي ڏيهه واپس موٽي آيو. واهگه بارڊر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڳالهين دوران ٻنهي طرفن کان سازگار ماحول هو، مثبت انداز ۾ ڳالهيون ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنيڪل معاملن تي هڪ ويهڪ ٿي، ڪرتارپور راهداري منصوبي بابت ڪجهه معاملن تي اڃا به اختلاف آهن، جيڪي نبيرڻ لاءِ 2 اپريل تي ڳالهين جو ٻيون دور ٿيندو ۽ فني نوعيت جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن جي ترجمان چيو ته ڪرتاپور ويزا فري راهداري آهي. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي واهگه ۾ ٿيندو. هن چيو ته ڪرتارپور راهداري سان نه صرف سک برادري کي سهولت ملندي پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن به قائم ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو