ڪراچي ۾ برسات اسٽيڊيم تلاءُ بڻجي ويو، سريلنڪا سان ميچ رد

ڪراچي ۾ برسات اسٽيڊيم تلاءُ بڻجي ويو، سريلنڪا سان ميچ رد

ڪراچي(شهزادو مستوئي) ڪراچي ۾ موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب جمع تي منجهند کانپوءِ گجگوڙ سان شروع ٿيل بارش سبب جتي شهرين جي مشڪل ۾ واڌ ٿي آهي ته ٻئي پاسي ڪراچي اسٽيڊيم ۾ رٿيل سريلنڪا سان پهرين ون ڊي ميچ رد ڪئي وئي آهي. تيز بارش سبب گرائونڊ تالاب بڻجي ويو. اڍائي وڳي ٽاس ۽ 3 وڳي ميڄ شروع ٿيڻو هو پر بارش سبب ميچ ئي رد ٿي ويو. ملڪي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو ڪراچي اسٽيڊيم ۾ ميچ بارش سبب رد ٿي آهي. ماضي ۾ 1982 ۽ 1988 ۾ جهيڙن سبب آسٽريليا سان رٿيل ميچ رد ٿيا هئا. 1989 ۾ ڀارت سان ٿيندڙ ميچ به وڳوڙن سبب نه ٿي سگهيو هو. 1984 ۽ 2002 ۾ جهيڙن سبب ٽيسٽ ميچ به رد ڪيا ويا هئا پر بارش سبب پهريون ڀيرو ميچ رد ٿيو آهي. هن گرائونڊ ۾ 1980 کان وٺي 47 ميچ ٿيا آهن. ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کان جڏهن صحافين بارش بابت پڇيو ته هن بلاول جي نقل ڪندي مسڪرائيندي سندس اسٽائيل ۾ چيو ته جڏهن بارش ايندي آهي ته پاڻي ايندو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي پاران ڪراچي سڀني ڪاليجز کي 15 کان 20 شاگرد ۽ هڪ ٻه استادن کي مفت ٽڪيٽ ڏئي اسٽيڊيم ۾ اچڻ لاءِ چيو ويو هو، جنهن موجب عمل ڪندي ڪيترن ئي ڪاليجز جا سوين شاگرد اسٽيڊيم پهچي ويا آهن. بارش سبب پچ کي ڍڪيو ته ويو هو پر تيز بارش سبب گرائونڊ ۾ پاڻي جو تلاءُ ٺهي ويو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ 10 سالن بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي جي سلسلي ۾ ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ڪراچي ۾ ٿيڻي آهي. 27، 29 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي اهي ميچ رٿيل آهن. جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي جا ٽئي ميچ لاهور ۾ ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو