ڪالعدم جماعت جو اهم ليڊر عبدالرحمان مڪي گرفتار

لاهور( م ڊ) پنجاب پوليس ڪالعدم جماعت الدعوا جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بمبئي حملن ۾ گهربل حافظ عبدالرحمان مڪي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هو حافظ سعيد جو ويجهو مائٽ ۽ جماعت ۾ حافظ کان پوءِ ٻئي نمبر تي اهم آهي. هن هڪ ڏينهن اڳ گجرانوالا ۾ مذهبي جماعتن تي پابندي مڙهڻ تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي ڪالعدم فلاح انسانيت تنظيم لاءِ چندي جي اپيل به ڪئي هئي. مڪي تي امريڪا 2012 ۾ 20 لک ڊالر جو انعام مقرر ڪيو هو. جون2014 ۾ بمبئي حملي ۾ ڀارت هن جو نالو مک ملزم طور پيش ڪيو هو. جنهن بعد حڪومت کيس وقت بوقت حفاظتي حراست ۾ وٺندي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو