سکر(جیرام بختیار پوري) سکر ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري، مقابلو اي پي سي جو ڊرائيور شهيد، هڪ اهلڪار زخمي، مقابلي ۾ جديد هٿيارن سان پوليس تي حملو، فوتي اهلڪار جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي، خبرموجب سکر ۽ شڪارپور جي ڪچي واري علائقي شاھ ٻيلو ۾ گذريل هڪ مهيني کان پوليس آپريشن جاري آهي،

جڏهن ته گذريل ڏينهن چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ سکر پوليس جو اي پي سي گاڏي جو ڊرائيور ذوالفقار عباسي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. جڏهن ته هڪ اهلڪار عبدالرشيد زخمي ٿي پيو آهي، زخمي اهلڪار کي علاج لاءِ حرا اسپتال سکر آندو ويو آهي، جڏهن ته فوتي اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر آندو ويو. جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس وارث سکر جي ريجنٽ سينيما واري علائقي ڏانهن کڻائي ويا، هوڏانهن ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس جي اي پي سي گاڏي تي اينٽي ائير ڪرافٽ گن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملا ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته اينٽي ائير ڪرافٽ گن جي گولي اي پي سي گاڏي مان ڪراس ڪري گاڏي جي ڊرائيور اهلڪار کي لڳي، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ اي آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ٻنهي ضلعن جي پوليس جو آپريشن جاري آهي، گذريل ڏينهن ڏوهارين پوليس تي حملو ڪري اهلڪار ذوالفقار علي کي شهيد ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ اهلڪار عبدالرشيد سخت زخمي ٿيو آهي، واقعي جو اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ وڌيڪ پوليس پارٽي کي موڪليو ويو آهي فلحال ڌاڙيلن جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ان بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي ڌاڙيلن جو گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي، ڪچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن. ڌاڙيلن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ياد رهي ته گذريل مهيني آپريشن دوران لکي غلام شاھ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ هڪ اي ايس آءِ پڻ شهيد ٿي چڪا آهن.










