ڊگهن پيرن وارن لاءِ جوتن جو خصوصي ڪارخانو

فرينڪفرٽ (ويب ڊيسڪ) اوهان ڊگهي قد وارن ماڻهن بابت ته ٻڌو آهي پر ڪڏهن غور ڪيو آهي ته هنن جا مسئلا ڪهڙا آهن. ظاهر آهي انهن جا ڪپڙا، جوتا ۽ استعمال جي هر  شئي مختلف هوندي آهي. سندن پير به ڊگها هوندا آهن ۽ عام دڪانن تان سند جوتا ملڻ مشڪل هوندو آهي.

جرمني ۾ گهڻي ڀاڱي ڊگهي قد وارا ماڻهو آهن ۽ جرمني 275 سالن کان هڪ ڪمپني ويسلز اهڙن ڊگهن پيرن وارن ماڻهن لاءِ جوتا ٺاهيندي آهي. 1745 ۾ قائم ڪيل هي ڪمپني چوٿين پيڙهي هلائي رهي آهي. هن ڪمپني جو موجوده مالڪ جارج ويسلز آهي جنهن جو چوڻ آهي ته ڊگهن پيرن وارا ماڻهو پريشان هوندا آهن ۽ اسين سندن مخصوص جوتن جي فراهمي ڪري خوشي محسوس ڪندا آهيون. هن ٻڌايو ته 2005 اسان جي ڪمپني سان هڪ همراه رابطو ڪيو ته سندس اٺ جي پيرن ۾ مسئلو آهي هو هلي نٿو سگهي ان لاءِ جوتا ٺاهي ڏيو.

هن ٻڌايو ته هو ڪيترن ڪمپنين سان رابطو ڪري چڪو آهي ۽ ڪو به سندس مسئلو حل نٿو ڪري. اسان جي ڪمپني هن جي مدد ڪئي، اسين اٺ جو جائزو ورتو ۽ ماپ وٺي آرامده جوتا تيار ڪيا، جيڪي پائڻ بعد اٺ نارمل نداز ۾ هلڻ ۽ ڀڄڻ لڳو. هن ٻڌايو ته هو پنهنجي اولاد کي به چوندو ته هي پوڻين ٽن صدين واري ابي ڏاڏي جي ڪرت نه ڇڏين ڇو ته هي ڪاروبار سان گڏ من کي سڪون ڏيڻ جو به وڏو ذريعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو