ڊجيٽل ٽرانزيڪشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ”نيا پي“ متعارف ٿيندو

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ مني انسٽيٽيوشن (اِي ايم آءِ) طور ڪم ڪرڻ واري نئين سهوليت ”نيا پي“ (NAYA Pay) جي منظوري ڏني وئي آهي. ان حوالي کان پڌرائي جاري ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته نيا پي وسيلي واهپيدار اي مني اڪائونٽ کولڻ سان گڏوگڏ ڊجيٽل ٽرانزيڪشن به ڪري سگهندا. ان کان علاوه نيا پي ايپ وسيلي ۽ ڪنهن به اي ٽي ايم لاءِ قابل قبول اي ٽي ايم ڪارڊ جي مدد سان رقم ڪڍي سگهندا ۽ يوٽيلٽي بل ادا ڪري سگهندا. ٻڌايو ويو آهي ته نيا پي واهپيدارن جي سهوليت تي گهڻو زور ڀريو آهي ان ڪري سهوليتون ڏيڻ خاطر ناليوارين بينڪن سان به شراڪت داري ڪئي وئي آهي ته جيئن ماڻهو رقم ڪڍي سگهن ۽ ٻيون سهوليتون ماڻي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو