ڊاهيل پيغام واپس ڏسڻ سميت واٽس ايپ جون 3 بهترين ٽرڪس

واشنگٽن (م ڊ) واٽس ايپ دنيا جي مقبول ترين ميسنجرسروس آهي، جنهن جا دنيا ۾ هڪ ارب کان  وڌيڪ صارف آهن. هي سڀ کان وڌيڪ استعمال  ٿيندڙ هڪ ايپ آهي. اسان توهان کي اهڙيون ٽرڪس ٻڌائينداسن جيڪي اوهان جي ڪم اچي سگهن ٿيون. ڊيليٽ پيغام پڙهڻ، جيڪڏهن توهان ڏي ڪودوست پيغام موڪلي ۽ اهو توهان کان ڊيليٽ  ٿي ويو هجي ته واپس ڪرڻ جو بلڪل آسان طريقو آهي. اوهان پنهنجي فون مان واٽس ايپ ڊيليٽ ڪريو۽ گوگل ايپ تان ٻيهر انسٽال ڪريو ته توهان جو ڊيليٽ ٿيل پيغام واٽس ايپ ۾ موجود هوندو. ڊاڪيومينٽ شيئر ڪرڻ، توهان هاڻي گوگل ڊرائيو ۽ آئي ڪلائوڊ تان لائيو واٽس ايپ چيٽ ۾ ڊاڪيومينٽ به شيئرڪري سگهو ٿا. ڪمپيوٽر ۽ فون مان فائيل ٽرانسفرڪرڻ،         ان لاءِ هڪ گروپ ٺاهيوجنهن ۾ هڪ دوست کي شامل ڪريو۽ پوءِ دوست کي ڊليٽ ڪريو، جيئن توهان اڪيلائي ان گروپ ۾ رهو. هاڻي واٽس ايپ گروپ اوپن ڪريو ۽ ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي لاگ ان ڪيو ۽ پوءِ گروپ جي ذريعي لاگ ان ڪري گروپ جي ذريعي فائيل ٽرانسفر ڪريو.

ڊاهيل پيغام واپس ڏسڻ سميت واٽس ايپ جون 3 بهترين ٽرڪس” هڪ تبصرو

  1. ماشاءالله تمام سٺي اخبار آھي اميد آھي ت توھان پنھنجو ڪم انھيءَ طريقي سان جاري رکندا

پهنجو تبصرو موڪليو