چين پاران ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل ۾ حمايت جي خاطري

بيجنگ(م ڊ) والاريل ڪشمير بابت چين اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. چين جي دوري دوران پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي چيني هم منصب وانگ زي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران عالمي قانون ۽ اقوام متحده جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪندي ورتل اپائن بابت ڳالهه ٻولهه بعد ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ان جو اعلان ڪيو. شاهه محمود قريشي اڄ صبح بيجنگ پهتو هو. چين اڳ ۾ ڀارتي اپائن بابت محطاط رد عمل ۾ چيو هو ته ڀارت کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو ڇو ته لداخ جي تڪراري علائقي بابت چين کي به تحفظات آهن ۽ ٻنهي ملڪن وڄ ۾ سرحدي معاملا حل طلب آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو