چوڪيدار جي ايمانداري ڪروڙين روپين جو لوهه بچي ويو

چوڪيدار جي ايمانداري ڪروڙين روپين جو لوهه بچي ويو

ملير رپورٽ (درياخان شر) پاڪستان اسٽيل ملز مان ڪروڙين روپين جو لوهه چوري جي ڪوشش چوڪيدار جي ايمانداري سبب ناڪام بڻجي وئي. پوليس تاباني گروپ جو  ٺيڪيدار لوهه چورائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.  ان ڏس ۾ اسٽيل مل جي ذيلي اداري اسٽيل فيبريڪيٽنگ ڪمپني مان تاباني ٺيڪيدار لوهه سان ڀريل ٽرڪ چورائيندي سيڪيورٽي اهلڪارن هٿان پڪڙجي پيو. سيڪيورٽي عملدار سليم خان ٻڌايو ته ٺيڪيدار ٽرڪ ٻاهر ڪڍڻ عيوض کيس 10 لک رپين جي آڇ ڪئي پر مون انڪار ڪيو، سي بي اي وارن ٺيڪيدار کي ڇڏائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو انڪار ڪيم ته تشدد ڪيو ويو. هوڏانهن اسٽيل ملز انتظاميا واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ بن قاسم ٿاڻي کي درخواست ڏني جنهن تي ٺيڪيدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رھي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي  مختلف ڊپارٽمنٽس مان پھريان به ڪروڙين روپين جي ماليت جون تارون، ٽامو، پتل ۽ لوهه چوري ٿي چڪا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو