چين چنڊ تي ٻوٽو پوکڻ وارو دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن چنڊ تي ٻوٽو پوکڻ جو تجربو ڪيو آهي. چيني سائنسدانن چنڊ تي پٽاٽو ۽ ڪڪڙو يعني ڪپهه جو ٻج پوکيو، پٽاٽو ته ڪون ڦٽو پر ڪڪڙو ڦٽي پيو. چين جي سائنسدانن پاران جاري ڪيل تازين تصويرن ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي ته ڪڪڙي مان سلو ڦٽو ان ٻه پن به ڪڍيا پر چنڊ تي رات جي وقت انتهائي سخت سردي سبب اهو ٻوٽو سڙي ويو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان سان چنڊ تي حياتي بابت تحقيق ۾ مدد ملندي. چين جي نيشنل اسپيس ايڊمنسٽريشن اعلان ڪيو آهي ته هاڻي هو ڪمي چنڊ تي موڪليندا. مخصوص ڪنٽينر ۾ ڪمي کي آڪسيجن ڏني ويندي جيڪا 20 ڏينهن کان وڌيڪ نه هلي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو