پڙهڻ چاهيان ٿو پر موالي بابو پنڻ لاءِ ماري ٿو، تحفظ ڏيو

سکر ( بيورو رپورٽ ) ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ پيارو جوڳي جو 8 ورهين جو معصوم نينگر زبير احمد جوڳي پنهنجي والد ڪريم بخش عرف مٺو جوڳي جي تشدد کان تنگ ٿي پريس ڪلب ڪنڌرا پهچي ويو. نينگري ٻڌايو ته منهنجو والد موالي آهي، هو مون کي پنڻ لاءِ روزانو سخت مار ڪٽ ڪري ٿو، تعليم حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو ، معصوم نينگر ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته کيس تحفظ ڏنو وڃي ۽ سندس تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو