پي آٰءِ اي پاران مسافرن کي مفت ٽيڪسي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز(پي آءِ اي) ۽ آن لائن ٽيڪسي سروس ڪريم ۾ معاهدو ٿيوآهي، جنهن موجب قومي ايئرلائن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي مفت آن لائن ٽيڪسي سروس فراهم ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ پي آءِ آي جي صدر ۽ چيف ايگزيڪٽو آفيسر ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ معاهدي کي اهم پيش رفت قرار ڏنو آهي. پي آءِ اي جي تعلقات عامه جي شعبي پاران اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊنگ پاس تي شناختي ڪارڊ ۽ هڪ خاص ڪوڊ لکيو ويندو، جيڪو ڪريم ۾ بڪنگ دوران ڏيندو ته خود ڪار نظام ذريعي سندس بڪنگ ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو