پاڻي چوري خلاف پڇڙي وارن آبادگارن جو احتجاج

پاڻي چوري خلاف پڇڙي وارن آبادگارن جو احتجاج

سجاول (ن س)تعلقي شاھبندر جي راڄن شاھ نالي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ غيرقانوني لڳل دڪن خلاف متاثر آبادگارن پاران سجاول ويجهو بئراج موري وٽ مين روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو ويو ، ڌرڻي سبب سجاول ٺٽو روڊ جي ٻنهين طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون  احتجاج ڪندڙ آبادگارن احمد مرگهل آدم جوڻيجو عمر جت علي سرواڻ ۽ ٻين چيو ته چوهڙجمالي ويجهو راڄن شاھ نالي ۾ گهڻي عرصي کان پاڻي جي کوٽ آھي نالي ۾ با اثر ماڻهن جا غير قانوني دڪا لڳل آھن جنهنڪري پاڻي ٽيل تائين نٿو پهچي ھنن چيو ته اسان ايريگيشن عملدارن کي شڪايتون ڏنيون پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو جنهنڪري مجبور ٿي احتجاج ڪيو آھي ھنن مطالبو ڪيو ته راڄن شاھ نالي مان دڪا ھٽائي پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو