اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ چين آزاد تجارتي معاهدو پهرين جنوري کان لاڳو ٿي چڪو آهي. پاڪستان جي 313 شين جي چيني منڊين ۾ ڊيوٽي فري رسائي حاصل ٿيندي. ايف بي آر ٽيرف لسٽ ۾ تبديلي کان پوءِ ايس او آر تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ٽيرف خاتمي جي شيڊول C1’MOP2’MOP1’A15′ A7’A0 ۽ C2 تي مشتمل آهي. اي ڪيٽيگري ۾ شامل 3251 ٽيرف لائينز تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. اي 7 ۾ شامل شين تي ڪسٽم ڊيوٽي 2 کان 7 سالن تائين سلسليوار گهٽ ڪرڻ کان پوءِ ختم ڪئي ويندي. اي 15 ۾ ڪسٽم ڊيوٽي 4 کان 15 سالن تائين ختم ڪئي ويندي.










