پاڪ بنگلا ٽي ٽوئنٽي لاءِ ميدان تيار، اڄ پريڪٽس سڀاڻي ميچ

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي ڪرڪٽ ٽيم 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏڻ لاءِ  خصوصي جهاز ۾ پاڪستان پهچي وئي آهي. 24، 25 ۽ 27 جنوري تي منجهند 2 وڳي شروع ٿيندڙ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ميچز لاءِ سيڪورٽي جا فول پروف انتظام مڪل ڪيا ويا آهن.

لاهور ايليٽ فورس ۽ رينجرز سان گڏ  ضرورت پوڻ تي فوج به دستياب هوندي. پوليس فورس جا 10 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. خميس تي ٻئي ٽيمون قذافي اسٽيڊيم ۾ پنهنجي پريڪٽس ڪري رهيون آهن. بنگلاديش جي ٽيم قسطن ۾ کيڏي رهي آهي. ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ بعد واپس ويندي ۽ 7 کان 12 فيبروري تي پهرين ٽيسٽ راولپنڊي ۾ کيڏڻ لاءِ واپس ايندي. جنهن بعد وري واپس ويندي ۽ پهرين اپريل تي وري ڪراچي ۾ واپس ايندي 3 اپريل ت هڪ ون ڊي ۽ 5 اپريل تي ٽيسٽ ميچ کيڏندي.

پاڪستان 16 جنوري تي پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ پهريون ڀيرو آسٽريلوي بگ بيش ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ حارث رئوف کي پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حارث سهيل، فخرالزمان، امام الحق، آصف علي، محمد عامر، وهاب رياض ۽ محمد عرفان پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ مان آئوٽ آهن. محمد حفيظ، شعيب ملڪ ۽ شاهين آفريدي ٽيم ۾ شامل آهن. احسان علي ۽ عماد بٽ کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. احسان علي پي ايس ايل ۾ ڪوئٽه گليڊيئٽرز طرفان کيڏيو هو جڏهن ته عماد بٽ 2016 ۾ انگلينڊ جو دورو ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ۾ شامل هو پر کيس ڪنهن به ميچ ۾ نه کيڏايو ويو هو. ٻئي نوجوان ڪرڪٽر ڊوميسٽڪ ڪرڪٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري چڪا آهن.

پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم ڪپتان، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، عماد بٽ، احسان علي، حارث رئوف، افتخار احمد، عماد وسيم، خوش دل شاهه، شاهين آفريدي، محمد رضوان، محمد موسيٰ، شاداب خان، محمد حسنين ۽ عثمان قادر شامل آهن. ياد رهي ته پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۾ دنيا جي نمبر ون ٽيم آهي پر گذريل سال 10 ميچز مان صرف هڪ کٽي هئي، هڪ جو نتيجو نه آيو هو ۽ 8 ميچز هارايون هيون. بنگلاديش سان کيڏي ويندڙ سيريز اهم آهي جيڪا نه کٽڻ جي صورت ۾ ٽيم جي عالمي درجه بندي متاثر ٿيندي. هن مهل تائين پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ 10 ٽي ٽوئنٽي ميچز ٿيون آهن جن مان 8 پاڪستان کٽيون آهن. بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي عالمي رينڪنگ ۾ نمبر ون تي آهي هن گذريل سال ٽنهي فارميٽس ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 2082 رنز اسڪور ڪيون هيون جن ۾ 6 سينچريز ۽ 13 ففٽيز شامل آهن.

https://twitter.com/Krish6634/status/1218967210338615296

بنگلاديش جي ٽيم ۾ ڪپتان محمودالله، تميم اقبال خان، سوميه سرڪار، نعيم شيخ، نجم الحسين، لٽن داس، ايم ڊي مٺڻ، عفيف حسين، مهدي حسن، امين الاسلام، مستفيظ الرحمان، شفيق الاسلام، الامين حسين، روبل حسين ۽ حسن محمود شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو