پاڪستان ۾ فٽ بال کي هٿي وٺائڻ لاء سپر اسٽار ڪارلز پيوول ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ فٽ بال راند کي هٿي وٺائڻ ۽ “ورلڊ ساڪر اسٽارز 2019 ” جون ٽڪيٽون کپائڻ لاء فٽ بال جو جڳ مشهور رانديگر ، اسپين ۽ بارسلونا جو سپراسٽار ڪارلز پيوول، ڇنڇر ڏينهن ڪراچي پهتو آهي. پيوول، جيڪو فٽبال جي عالمي سطح جي ستارن جي لسٽ ۾ شامل آهي، هو  “ورلڊ ساڪر اسٽارز 2019 ”پروجيڪٽ جو اهم ممبر آهي. هن پروجيڪٽ جي سندس دوري دوران ٻه نمائشي ميچون به کيڏيون وينديون، جيڪي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ترتيبوار اپريل 27 ۽ 28 تي ٿينديون. هن پروجيڪٽ ۾پرتگال جو عظيم رانديگر لوئس فائيگو، برازيل جو سپراسٽار ڪاڪا۽ فرانسيسي عالمي رانديگر نڪولس انيلڪا به گڏ هوندا، جيڪي پڻ پاڪستان پهچي چڪا آهن. هن چيو ته “اي ڪراچي،  آء توهان سڀني کي ڏسڻ لاء پراميد آهيان ۽ مان پاڪستان ۾ پنهنجي سڀني مداحن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندس ۽ مونکي لڳي ٿو ته فٽ بال جلد پاڪستان جي اهم ۽ مقبول راند بڻبي”. سندس مداحن کي اڄ ڊولمين مال ڪراچي ۾ ساڻس ملڻ جو موقعو پڻ ملندو جتي هو پهنجي صحيح  ٿيل “وي آر هيڊ سيٽ” لانچ ڪندو. خيال آهي ته هو آچر تي پي ايس ايل جي فائنل ميچ پڻ ڏسندو . پيوول 40 ساله رٽائرڊ پروفيشنل فٽبالر آهي، جنهن پنهنجو سڄو ڪيريئر بارسلونا ڪلب سان گڏ گذاريو، هو پنهنجي نسل جي بهترين دفاعي رانديگرن مان هڪ آهي. هن کي پنهنجي ٽيم مضبوط دفاع  تي “ديوار” جو لقب ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو