پاڪستان پهريون ڀيرو ڪٻڏي جو عالمي ڪپ کٽي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪٻڏي يا ڪوڏي ڪوڏي جو 2020 جي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان ٻن پوائنٽس تان ڀارت کي دلچسپ مقابلي بعد شڪست ڏئي کٽي ورتو. ڀارت کي 41 پوائنٽس جي مقابلي ۾ 43 پوائنٽس تان هارائي پهريون دفعو ڪوڏي ڪوڏي جو عالمي ڪپ کٽي ورتو آهي. لاهور جي پنجاب اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ميچ جي پهرين هاف م ڀارت کي واضح برتري حاصل هئي پر ٻئي هاف ۾ پاڪستاني رانديگرن ميدان ماري وڌو. ميچ کٽڻ بعد رانديگرن ۽ تماشائين ڀنگڙا ڊانس ڪيو. 9 فيبروري تي ڪٻڏي ورلڊ ڪپ جي رنگا رنگ تقريب لاهور ۾ ٿي هئي ۽ پاڪستان افتتاحي ميچ ۾ ڪئناڊا کي هارايو هو. پهريون دفعو آهي ته ڀارت هي ڪپ هارايو آهي هو ان کان اڳ 5 ڀيرا لڳاتار ڪپ کٽندو رهيو آهي. ٽئين پوزيشن لاءِ آسٽريليا ۽ ايران ۾ مقابلو ٿيو جيڪو ايران کٽي ورتو. ڀارت آسٽريليا کي 32 جي مقابلي ۾ 42 پوائنٽس تان ۽ پاڪستان ايران کي 30 جي مقابلي ۾ 52 پوائنٽس تان سيمي فائنل ۾ هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو  هو. ان کان اڳ ڪوڏي ڪوڏي جي عالمي ڪپ جا 5 مقابلا ڀارت ۾ ٿيا ۽ پاڪستان فائنل ۾ پهچڻ بعد سدائين ڀارت کان شڪست کائيندو رهيو آهي. هي پهريون موقعو آهي ته ڪوڏي ڪوڏي جو عالمي ڪپ پاڪستان ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سڀ ميچز پنجاب جي شهرن ۾ ٿيون آهن حالانڪ سنڌ ۾ به ڪوڏي ڪوڏي بيحد مقبول آهي ۽ پاڪستان جي ٽيم ۾ سڀ رانديگر پنجاب جا کنيا ويا آهن ۽ ان کي قومي ٽيم سڏيو ٿو وڃي. ڀارتي حڪومت پنهنجي ٽيم کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو هو ته اها سندن سرڪاري قومي ٽيم ناهي. جڏهن ته کين ويزا پاڪستان پاران ڪٻڏي ٽورنامنٽ جي بنياد تي ملي هئي. ڪٻڏي جي عالمي ڪپ 2020 مقابلن ۾ دنيا جي 10 ملڪن جون ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو