screen shot photo AFP

پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن 9 لک ويب سائيٽون بند ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي براءِ ڪابينه سيڪريٽريٽ کي آگهه ڪيو آهي ته ملڪ ۾ 9 لک ويب سائٽن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوده چيو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي 9 لک کان وڌيڪ ويب سائيٽن تائين رسائي حاصل ڪري بند ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته ٽيڪنالوجي جي استعمال سان ڪجهه بلاڪ ٿيل ويب سائٽن تائين رسائي حاصل ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته ان کان اڳ سيپٽمبر 2019 ۾ پي ٽي اي قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ٽيلي ڪام کي ٻڌايو ويو هو ته توهين مذهب، پورنو گرافڪ، رياست، عدليه يا پاڪ فوج مخالف مواد جو سبب ڄاڻائي ڪجهه سائيٽن کي بند ڪيو ويو هو. چيئرمين پي ٽي اي دعويٰ ڪئي ته مشڪلاتن باوجود اٿارٽي صارفين جي ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻائي رهيو آهي. عامر عظيم باجوه چيو ته اسان اهو به يقيني بڻائي رهيا آهيون ته انٽرنيٽ يا سوشل ميڊيا ذريعي عوام جي مذهبي، ثقافتي ۽ روايتي جذبن کي ڪا تڪليف نه پهچي. هن چيو ته 32 ملڪن جا مختلف ادارا ۽ ايجنسيون دهشتگردي، پورنو گرافي ۽ ٻين مسئلن جي خاتمي جون ڪوششون ڪري رهيون آهن ان ڪري اسان جي حڪومت کي به سوشل ميڊيا سائٽس جي هوسٽنگ واري معاملي تي غور ڪرڻ گهرجي. عامر عظيم باجوه وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي گهٽ معيار وارا ۽ اسمگل ٿيل موبائل فونن جي اسمگلنگ تي به ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. هن چيو ته 2018 کان 2019 تائين ٽيلي ڪام سيڪٽر طرفان قومي خزاني ۾ 31 ڪروڙ 17 لک رپيا جمع ڪرايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو