پاڪستان جي 97هاءِ رسڪ ضلعن ۾ اڄ کان پوليو مهم شروع، 2 ڪروڙ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڄ کان پاڪستان جي 97“هاءِ رسڪ پوليوضلعن” ۾ خطرناڪ بيماري کان بچاءَ جي خصوصي مهم شروع ڪئي وئي آهي. پنج ڏينهن جاري رهندڙ هن مهم دوران 2 ڪروڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. پوليوبابت قومي هنگامي مرڪز جي سربراه رانا محمد صفدر جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال 6 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ ڪراچي، لاهور، باجوڙ، خيبر، هنگو۽ بنون شامل آهن. جتان هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. هن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنج سال ۽ ان کان گهٽ يمر وارن ٻارن کي فڙا پيارڻ کي يقيني بڻائن. هن ٻڌايو ته مهم دوران پنجاب جي 12 هاءِ رسڪ ضلعن جي 66 لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا. جڏهن ته 7 قبائلي ايجنسين سميت خيبر پختونخوا جي 25 ضلعن ۾ 55 لک نوي هزار ٻارن کي زنگي ڀر اپاهج ڪندڙ مرض کان بچاءَ لاءِ ڦڙا پياريا ويندا. پوليو مرڪز جي اعليٰ عملدار چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي 20 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ 61 لک 30 هزار ٻارن، بلوچستان جي 21 ضلعن جي 17 لک سترهزار ۽ اسلام آباد جي ٻه لک چاليهه هزار ٻارن کي هن موذي مرض کان بچاءَ لاءِ ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته پوليو اسٽاف مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ در در وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندو پر هن چيو ته مهم جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته والدين تعاون ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو