ٽيڪس سڌارن لاءِ عالمي بئنڪ پاران 51 ڪروڙ 80 لک منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ وفاقي ۽ خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومتن جي ٽيڪس اڳاڙي نظام کي ڊجيٽلائيز۽ آسان بنائڻ لاءِ 51 ڪروڙ 80 لک ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ڪي پي حڪومت جي ادارن کي جديد ٽيڪنالوجي، فني مهارت ۽ نظام کي آسان بنائڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جا ماهر کين مدد فراهم ڪندا. پاڪستان جي ڪسٽم ڊيوٽيز جي پيچيده نظام کي به بهتر ڪندا. پروجيڪٽ سان لاڳاپيل هڪ ماهر محمد وحيد سنڏيار کي ٻڌايو ته عالمي بئنڪ جي هن معاونت بعد پاڪستان حڪومت جي ٽيڪس اڳاڙي ۾ خاطر خواه اضافو ٿيندو ۽ جي ڊي پي، جي ٽيڪس جي شرح 2024 تائين 17 سيڪڙو ٿي ويندي. هن وقت اها شرح 9.5 آهي. عالمي بئنڪ جا ماهر چوندا رهيا آهن ته ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اها شرح 15 سيڪڙو هجڻ گهرجي تڏهن هو پنهنجا خرچ پورا ڪري سگهندا. ان رقم مان 11 ڪروڙ 80 لک ڊالر ڪي پي حڪومت جي ٽيڪس نظام جي بهتري تي خرچ ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو