screen shot

ٻوٽا پاڙن جي روشني سان زمين اندر ڏسندا آهن

ڪوريا (ويب ڊيسڪ) سج جي روشني صرف پتن ۽ گلن تائين محدود ناهي هوندي پر ٻوٽن جي پاڙن تائين ويندي آهي ۽ ان جي مدد سان ٻوٽن جي بهترين نشونما واڌ ويجهه ٿيندي آهي. ان کان پهرين ماهرن ٻوٽن، گلن ۽ پتن ۾ روشني کي محسوس ڪندڙ ۽ ان جي اشاري سان فائدو حاصل ڪندڙ ريسپٽر دريافت ڪري چڪا آهن. ليڪن هاڻي ٻوٽن جي جڙن ۾ به اهو ريسپٽر دريافت ٿيا آهن پر اهو هن مهل تائين واضح ناهي ٿي سگهيو ته آخرڪار مٽي ۾ ڪهڙي طرح روشني وڃي ٿي ۽ اها صلاحيت ان ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي.  جنوبي ڪوريا جي سيئول نيشنل يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ سائنسدان هيوجُن لي سرنهن جي ٻوٽي عربائڊوپسس نالي ٻوٽي ان حوالي سان تحقيق ڪئي. هن ڏٺو ته ٻوٽي جي وزنائتي پاڙون فائبر آپٽڪ جي تارن وانگي ڪم ڪري رهيون آهن جنهن جي مٿي مان روشني خارج ٿي رهي هئي. پاڙن کان روشني هيٺ وڃي رهي هئي جنهن ۾ فائٽوڪروم نالي ريسپٽرم اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو ۽ ان عمل کان ايڇ واءِ فائيو نالي هڪ پرٽين پيدا ٿيندو آهي جيڪو ٻوٽي جي صحت لاءِ تمام ضروري هوندو آهي. ان کان پوءِ ماهرن هڪ وڌيڪ حيرت انگيز تجربي ۾ اها ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا روشني سج کان ٿيندي ٻوٽي کان گذري پاڙ تائين پهچي ٿي يا هو ڪيميڪل سگنل جي صورت ۾ خارج ٿئي ٿي جنهن تي تصديق ٿي ته روشني باقاعده سڄي ٻوٽي کان فائبر آپٽڪ وانگي گذري رهي هئي. اهڙي طرح ٻوٽي کان روشني گذرڻ وارو هڪ باقاعده نظام سامهون آيو جنهن ۾ ڳاڙهي روشني سٺي طريقي سان گذري رهي هئي جنهن کان پوءِ نيري ۽ سائي روشني گذري رهي هئي. پروفيسر لي مطابق روشني پاڙن تائين ويندي آهي جيڪا ٻوٽي کي طاقت ۽ تازو توانو رکندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو