ٻوٻي آئل فيلڊ ويلفيئر فنڊ جوغلط استعمال ٿئي پيو، حقدار نظر انداز، متاٿرن جو احتجاج

ڄام نواز علي(ن س) ٻوٻي آئل فيلڊ پاران علائقي واسين کي سهولتون فراهم نه ڪرڻ ۽ ڊي سي سانگهڙپاران ويلفيئرفنڊ ۾ يوسي هوت وساڻ ۽ يوسي نئون آباد کي نظر انداز ڪرڻ ۽ ترقياتي اسيڪمون نه ڏيڻ خلاف علائقي واسين جو احتجاجي مظاهرو. مظاهرين دلمراد کوسوجي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ کڻي شاهي بازار کان پريس ڪلب نئون آباد تائين جلوس ڪڍيو. مظاهرين ڊي سي سانگهڙ خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي ته مظاهرينن جو چوڻ هو ته نئون آباد ڀرسان قائم ٻوٻي آئل فيلڊ علائقي جي آسپاس ڳوٺن کي بنيادي سهولتون مهيا نه ڪيون آهن. تيل ڪمپني جي ڀرسان 5ڪلوميٽر جي مفاصلي تي 30کان وڌيڪ قائم ڳوٺ آهن جن کي تمام سهولتون نه آهن. هنن چيو ته علائقي ۾  جر جو پاڻي کارو آهي علائقي واسي  پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن. علائقي واسي کارو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. هنن چيو ته تيل ڪمپني جي 85ڪروڙ روپين تي ڊي سي سانگهڙ ڌاڙو هڻي رهيو آهي تيل ڪپمنين جي پئسن کي علائقي جي عوام تي خرچ ڪرڻ بجاء سياسي بنيادن تي شهرن ۾ خرچ ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي ۾ آئل فيلڊ ڪمپني جي آسپاس 5ڪلوميٽر مفاصلي تي تمام ڳوٺن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪم ڏنو ويو هو پراهڙي حڪم کي ڊي سي سانگهڙ ۽ آئل ڪپمنين ٿڏي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ٻوٻي آئل فيلڊ ڀرسان قائم قديمي ڳوٺن جي سروي مختيار ڪار ڄام نواز علي ڪري  ڊي سي سانگهڙ کي ڏني سروي ڪيل ڳوٺن کي ڊي سي سانگهڙ جاري ڪيل اشتهار ۾ ظاهر نه ڪيا آهن. ڊي سي صرف پنهنجا نواز  پالسي تي عمل ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڊي سي آفيس اڳيان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو