صالح پٽ(نياز مهر) ڳوٺ آچر ميتلو ۾ هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاران غلام ياسين ميتلو جي ميزباني ۾ تعليم اسانجي زندگي ۽ ٻار اسان جو مستقبل جي عنوان تحت تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ايڇ آر پي ايف جي عهديدارن، سياسي سماجي اڳواڻن، اسڪولي ٻارڙن، والدين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تعليمي سيمينار کي ايڇ آر پي ايف جي سرپرست پيارو خان ڦلپوٽو، مرڪزي چيئرمين محبوب چانگ، صوبائي صدر ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد علي ميتلو، نظير احمد ڦلپوٽو، ليڊيز ونگ صوبي سنڌ جي صدر آپا زبيده گهانگهرو، انيسه بلوچ، عظيما خاصخيلي، سماجي اڳواڻ شائسته کوسو، صبا ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حضور اڪرم صه فرمايو آهي ته پينگهي کان قبر تائين تعليم حاصل ڪريو تعليم انسان جي ٽين اک آهي نياڻين کي به تعليم ضرور ڏياري وڃي ڇو ته مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو نياڻي پڙهي ته ڄڻ سمورو ڪٽنب پڙهيو. هنن چيو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليمي سيمينار منعقد ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي ته جيئن ڳوٺاڻن ۾ تعليمي شعور ۽ تعليم جي اهميت بابت ڄاڻ ڏئي سگهجي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول جي بلڊنگ جي سهولت نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا وڻ هيٺان يا کليل آسمان هيٺ زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته ٻين ملڪن ۾ سئو سيڪڙو تعليم جو ريشو آهي جڏهن ته اسان وٽ تعليمي جو ريشو 30 کان 33 سيڪڙو آهي تعليم نه هجڻ ڪري ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو تعليم نه هجڻ ڪري قبيلائي جهيڙا ۽ فساد پيدا ٿين ٿا. ان موقعي تي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻي تعليم لاءِ بجيٽ وڌائي وڃي ته جيئن مستقبل جا معمار تعليم پرائي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. تعليمي سيمينار ۾ پ پ پ تعلقه روهڙي جي صدر نبي بخش جسڪاڻي به خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪولي ٻارڙن ۾ تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويا جنهن ۾ پهرين پوزيشن راشد گل ڪانڌڙو، ٻي پوزيشن عدنان جڏهن ته ٽين پوزيشن عطاءُ الله کوسو حاصل ڪئي جن جي حوصلا افزائي لاءِ کين انعام ڏنا ويا. ان موقعي تي ايڇ آر پي ايف ضلع سکر جو صدر عبدالخالق مڱريو، الهواڌايو مهر، نريش ڪمار، غلام حسين ڀنڀرو، زاھد شيخ فيروز ڦلپوٽو، محمد الياس لاشاري، جي ايم ڪانڌڙو، ايڊووڪيٽ محمد عارف ڪٽپر، جي آر بلوچ، محرم علي سيال، پرويز علي رڏ، سڳنڌ منگي، ايڊووڪيٽ ثنا عباسي،ايڊووڪيٽ حميرا، ايڊووڪيٽ سنيا عباسي، شهناز منگي، شمائلا منگي ۽ ٻيا به موجود هئا.










