يو اي اي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد (پ ر) متحده عرب امارات يعني يو اي اِي وڌيڪ ھڪ ارب ڊالر پاڪستان کي ڏئي ڇڏيا آهن.جنهن بعد پاڪستان جي ناڻي جا ذخيرا 15 ارب 96 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا آهن. ناڻي واري وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر خاقان نجيب مطابق متحده عرب امارات کان وڌيڪ هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي وصول ٿي ويا آهن جڏھن تھ وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ايندڙ مهيني ملندا.ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو تھ يو اي اي کان ھڪ ارب ڊالر ملڻ کانپوءِ بين الاقوامي ادائيگين ۾ مدد ملندي.ياد رهي ته يو اي اي پاران 3 ارب ڊالر ڏيڻ جو معاھدو ڪيو ويو ھو جنھن ۾ ھن وقت تائين ٻھ ارب ڊالر ڏنا ويا آھن، يو اي اي ھڪ ارب ڊالر جي ھڪ قسط اڳ ڏني چڪو آهي۽ ٻي قسط ھاڻي ڏني آھي ٽئين قسط اڃا ملڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو