يو ايس ايڊ جا 10 اسڪول فنڊز نه هئڻ سبب رولڙي جو شڪار

يو ايس ايڊ جا 10 اسڪول فنڊز نه هئڻ سبب رولڙي جو شڪار

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو) آمريڪي امداد يعني يو ايس ايڊ جي فنڊ سان ڪشمور ضلعي ۾ اڏجندڙ 10 اسڪول نجي ڪمپني هيلڪرو پاڪستان طرفان پئسا نه ملڻ ڪري رولڙي جو شڪار بڻيل آهن. سنڌ ۾ تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ يو ايس ايڊ طرفان سال 2012ع ۾ سنڌ اندر تباهي مچائيندڙ برسات بعد سڄي سنڌ مان 100 اسڪولن کي جديد بنيادن تي نئين سر تعمير ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪم نجي ڪمپني هيلڪرو کي ڏنو ويو هو، يو ايس ايڊ جي نئين شروع ڪيل منصوبي بيسيڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ گورنمنٽ آف سنڌ سان گڏجي سنڌ جي اسڪولن جي سروي ڪئي ويئي جنهن ۾ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي 10 اسڪولن جنهن ۾ گورنمنيٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪالوني ون ڪشمور، گورنمنيٽ هاءِ اسڪول حسن علي شاھ ڪشمور، گورنمنيٽ هاءِ اسڪول سردارو کوسو ڪشمور، گورنمينٽ هاءِ اسڪول دلي جان ملڪ ڪشمور، گورنمينٽ هاءِ اسڪول کاهي ڪشمور، گورنمينٽ هاءِ اسڪول تراب محمداڻي ڪنڌڪوٽ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رسالدار تنگواڻي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳهڻو خان کوسو تنگواڻي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيو خان ملڪ ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالله ڀيو تنگواڻي کي بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو هو، نجي ڪمپني هيلڪرو  پاڪستان جي مختلف ڪمپنين کي في يونٽ جي بنياد مختلف اسڪولن جا ٺيڪا ڏنا، جنهن ۾ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڄاڻايل 10 اسڪولن جو ٺيڪو خيبر پختونخواھ جي هڪ ڪمپني ايم/ايس شوڪت خان کي ڏنو ويو هو.

تصوير سنڌيار

هيلڪرو ڪمپني ايم/ايس شوڪت خان ڪمپني سان معاهدو ڪيو انهي معاهدي تحت جديد بنيادن تي تعمير ٿيندڙ هڪ اسڪول جي عمارت ۾ 8 ڪلاس روم، سائنس هال، ڪمپيوٽر روم، فيميل اسٽاف روم، ميل اسٽاف روم، گيسٽ ويٽنگ هال، ڊسپينسري، ملٽيپل هال، ليب، ٽڪ شاپ، پرنسيپل آفيس، واشروم، چئو ديواري ٺاهڻ ۽ سولر پينل، جنريٽر ۽ بجلي جو نظام لڳائڻ لاءِ تقريبن 25 لک ڊالر برابر پاڪستاني روپين ۾ رقم في اسڪول ڏيڻ جو معاهدو ڪيو هو، جنهن بعد پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ڊالر جي ملھه ۾ اضافو ٿيڻ بعد هيلڪرو ڪمپني پنهنجي معاهدي تان ڦري ويئي ۽ ڊالر جو نئون اگھه ڏيڻ کان انڪار ڪندي پاڪستاني روپين ۾ ادائگي جو شرط رکي ڇڏيو آهي، ايم/ايس شوڪت خان ڪمپني کي وقت سر ادائگي نه ٿيڻ ڪري شوڪت خان ڪمپني اسڪولن جي تعمير جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اسڪولن جو ڪم 90 کان 100 سيڪڙو مڪمل ٿيل آهي، جڏهن ته جون 2019ع ۾  جيڪب آباد ضلعي جي 13 اسڪولن سميت ڪشمور ضلعي  جي 10 اسڪولن جو ڪم 91 سيڪڙو مڪمل ڪرڻو هو جيڪو هن وقت تائين 37 سيڪڙو تي بند پيل آھن ، ان سلسلي ۾ ساڃاھ وند شهرين ”سنڌ يار“ سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي عوام طرفان سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ شاندار ۽ جديد بنيادن تي منصوبو شروع ڪيو آهي، اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ گورنمينٽ آف سنڌ جي بي ڌياني ۽ نااهلي سبب هلندڙ 10 اسڪولن کي ڊس مينٽل ڪري سوين ٻارن جي تعليم متاثر ٿيل آهي، جڏهن ته اڳي به سنڌ ريفارم سپورٽ پروگرام يعني سرپ هيٺ ڪشمور ضلعي جي مختلف اسڪولن جي عمارتن جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي پروگرام بند هئڻ جو جواز ڄاڻايو ويو آهي، هنن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته سرپ پروگرام جيان (ايس بي اي پي) سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جو منصوبو هيلڪرو ڪمپني ۽ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ گورنمينٽ آف سنڌ جي نااهلي ۽ اقرباپروري سبب اڌ ۾ بند ٿي چڪو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته يو ايس ايڊ پاران شروع ڪيل پروگرام ۾ ٿيندڙ سُستي جو نوٽيس وٺي اڌ ۾ بند پيل ڪم شروع ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو