وارث مارڻ چاهن ٿا، پريمي جوڙي پاران تحفظ جو مطالبو

وارث مارڻ چاهن ٿا، پريمي جوڙي پاران تحفظ جو مطالبو

سکر (جيرام داس ) گهوٽڪي واسي پريمي جوڙو تحفظ لاءِ سکر پهچي ويو. ڳوٺ صالح چاچڙ جي رھواسي احسان چاچڙ ۽ (ر) چاچڙ سکر پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته هنن پنج مھينا اڳ صادق آباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو. ناري جو چوڻ هو ته مائٽ رحيم بخش چاچڙ، الله وسايو، ياسين نظير ۽ والد ڌڻي بخش کين قتل ڪرڻ گهرن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جوڙي پوليس کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو