هاري اڳواڻ ڪامريڊ بگن چانڊيو جي 15هين ورسي ملهائي وئي

ميهڙ(غلام حسين پنھور) جڳ مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ بگن چانڊيو جي 15 هين ورسي ڪامريڊ بگن چانڊيو يادگار ڪاميٽي پاران ميهڙ جي حيدر بخش ميموريل لائبريري هال ۾ ملهائي وئي تقريب ۾ سياسي سماجي، ادبي، صحافي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪري کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ ساگر پارٽي  جي سربراه مولانا عزيزالله ٻوهيو چيو ته ڪامريڊ بگن هارين لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جو وڏو نالو هيو هن هارين جي سجاڳي لاءِ جاکوڙيو هن سماج اندر فرسوده روايتن کي ٽوڙيندڙ  شخص هو. تقريب کي خطاب ڪند سوشل ميڊيا جي مشهور ڪردار جاني بليدي عرف ارڏو اترادي چيو ته ڪامريڊ هارين جي حقن لاء پاڻ پتوڙيو هو عملي طور هارين کي منظم ڪري ڌرتي جو قرض نڀايو. هن نيون روايتون پيدا ڪيون هارين جي سجاڳي لاءِ هر پل جدوجهد ڪئي هنن نوجوانن ۾ سمجه ۽ شعور پيدا ڪيو ڌرتي ۽ وطن ۽ سنڌيت پرستي سندس نس نس ۾ شامل هئي ڪامريڊ جهڙا ڪردار صدين تائين زنده رهندا. هنن چيو ته ڌرتي ۽ ماڻھن جي ڳالهه ڪندڙ هميشه زنده رهندا. تقريب کي خطاب ڪندي آزاد انور ڪانڌڙو، سليم مگسي چيو ته  ڪامريڊ بگن عملي طور هاري هو هو فاضل راهو، سائين جي ايم سيد،, ڊاڪٽر غفار قاضي سان گڏجي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو هو لطيف جي شاعري ۽ سنڌي ٻولي تي دسترس رکندڙ هو هنن ڪامريڊ بگن جون هارين جي خدمتن ۽ جدوجهد تي کين خراج تحسين پيش ڪندي ڇيو ته اهڙا ڪردار سماج جا اڏيندڙ آھن تقريب دوران ناميارن شاعرن اديبن  حبيب حضوري، احمد خان چانڊيو، وڪيل سعيد پنهور، حزب الله ميهڙائي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو