هاري اڳواڻ عثمان فقير جي ورسي، خراج عقيدت پيش

هاري اڳواڻ عثمان فقير جي ورسي، خراج عقيدت پيش

شھدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) سنڌ ھاري ڪاميٽي ۽ سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم پاران ھاري اڳواڻ ۽سنڌ جي جاکوڙي ڪردار فقير عثمان جمالي جي ٻي ورسي ڳوٺ ريحان خان جمالي ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب ۾ سياسي، سماجي، ادبي، توڙي ھاري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شھري اتحاد جي صدر وھاب پندراڻي چيو ته عثمان فقير ۾ ڀٽائي جو عڪس موجود ھ فقير عثمان سائين جي ايم سيد، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان گڏ سياست ڪئي ۽ ھن آخري وقت تائين ھارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. ان موقعي تي فقير عثمان جي پوٽي عابد جمالي چيو ته  مون کي فخر آھي ته منھنجي ڏاڏي سنڌ جي ھارين لاءِ جدوجهد ڪئي مختلف علائقن مان سياسي ڪارڪنن جي شموليت ظاھر ڪري ٿي ته ان کي ماڻھن ناھي وساريو.

پروفيسر عبدلجبار  جوڻيجو ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ھڪ ٻھراڙيءَ جي علائقي ۾ ھزارين ڪتاب گڏ ڪري فقير اھو ثبوت ڏنو ته ھو ڪتابن جو عاشق ھو. عرس سيلرو جو چوڻ ھو ته فقير ھارين جي جدوجھد جي علامت ھو ڪنھن ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو. جبار سنڌي چيوته فقير عثمان جھڙا ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن. بھرام لھر چيوته فقير ڳڙھي خيرو جي سڃاڻپ ھو جنھن اسان کي جدوجهد ڪرڻ جو طريقو سيکاريو. محمد جان اوڍاڻو چيوته جيڪب آباد جي پسمانده علائقي ۾ فقير جاگيردارن ۽ وڏيرن کي للڪاري ھارين جو آواز بڻيو. ورسي تقريب کي شمن ابڙو، پير بخش ڀٽي، صديق ابڙو۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته سگھڙن علي گل گاڏھي، گل محمد چانڊيو، عبدالوھاب بوجاڻي ۽ ٻين ڏور، بيت ۽ شاعري پڙهي فقير عثمان جمالي کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو